ڏوڪري لڳ رٽائرڊ هيڊ ماستر جي اوطاق کي باهه، هزارين رپين جو نقصان

ڏوڪري (ن ع آ) ڏوڪري ڀرسان ٻلھڙيجي هاء اسڪول جي اڳوڻي ھيڊ ماستر علي مردان پيرزادو جي اوطاق کي باھ،  هزارين روپين جو  سامان سڙي رک، نامعلوم جوابدارن خلاف اين سي داخل تفصيل موجب ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾  هاء اسڪول جي اڳوڻي ھيڊ ماستر علي مردان پيرزادو جي اوطاق کي باھ، هزارين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو نامعلوم جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي آهي ان ڏس ۾ موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ٻلھڙيجي ۾ حاجي لعل بخش شيخ ٻلھڙيجي هاء اسڪول جي اڳوڻي هيڊ ماستر جي اوطاق کي نامعلوم ماڻهن پاران مبينا طور باھ ڏني وئي آهي جنهن ڪري اوطاق ۾ پيل فرنيچر، عمارت جي ڇت ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي اهڙي واقعي جي اين سي موهن جو دڙو ايئرپورٽ ٿاڻي تي نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪرائي وئي آهي. هوڏانهن سياسي سماجي ڌرين واقعي جي مذمت ڪئي آهي، ٻئي طرف رٽائرڊ استاد ۽ اڳوڻي هيڊ ماستر علي مردان پيرزادو جو چوڻ آهي ته سازش تحت منهنجي اوطاق کي باھ ڏني وئي آهي مون کي اوطاق خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن اڳ به اهڙيون ڪارروايون ٿينديون رهيون آهن سامان سڙڻ سبب وڏو نقصان رسيو آهي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو آهي جلد ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.