جروار ۾ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺاڻن تي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

جروار (ن ع آ)جروار ٿاڻي جي حد ابل ڳڙهي لنڪ روڊ تي ڪار ۾ سوار هٿياربند جو موٽرسائيڪل تي ويندڙ ڳوٺاڻن تي انڌاڌنڌ فائرنگ ، فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو گل حسن لغاري ٿڏي تي  مارجي ويو ۽ راحب لغاري سخت زخمي ٿي پيو، اهڙو اطلاع جروار پوليس کي ڏنو ويو پوليس پهچي لاش ۽زخمي کي کڻائي سول اسپتال ميرپورماٿيلو پهچايو ،زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت۾ رحيم يارخان نيو ويو آھي جڏھن ته لاش جو پوسٽ  مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي  ڪيوويو آھي  پوليس موجب مقتول جي وارثن بوزدار برادري تي الزام هنيو آھي  وڌيڪ جاچ ڪيون پيا ٻي طرف الزام ھيٺ آيل جوابدار پنھنجا گھر خالي ڪري ويا آھن .  هوڏانهن مقتول جي پاء بشيرلغاري ٻڌايو ته بوزدار برادري جي ماڻھن ناحق قتل ڪيو آھي.  اڳ ۾ به بوذدار برادري پاران اسانجي ڳوٺ مٿان حملو ڪيو ويو ھو جنھن جي نتيجي ۾ نينگري زخمي ٿي ھُئي، واضع رھي ته ٻه سال اڳ نامعلوم ماڻھن نبي بخش بوذدار کي قتل ڪري لاش ڪنڊير شاخ ۾ لوڙھي ڇڏيو ھو ، جنھن جو الزام لغاري برادري مٿان لڳايو ويو ھو ان الزام سبب بوذدار برادري جي ھٿياربندن پاران ھي قتل ڪيو ويو آھي آخري اطلاعن تائين واقعي جو نه ئي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.