شاهپور مائينر کي 20 فوٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ

شاھپورچاڪر(ن ع.آ) شاھپورچاڪر سدا واھ مان نڪرندڙ شاهپور مائينر کي ڳوٺ ڪرم الله وٽان آر ڊي 1وٽان ويھ فوٽ گھارو ڪيترائي ايڪڙ فصل پاڻئ ھيٺ گھاري جو پاڻي ڳوٺ ڪرم الله ڏاھري، ڳوٺ يعقوب سنجراڻي، ڳوٺ اوتيم ڏاھري ڏانھن وڌڻ لڳو ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن امان الله ڏاھري بادل ڏاھري استاد بھادر ڏاھري دانھيندي چيو تہ ايس ڊي او آبپاشي سب ڊويزن شاھپورچاڪر چار مھينا شاخ جو پاڻي بند ڪري اسان جا  فصل سڪائي تباھ ڪري ڇڏيا ھئا ھاڻ برسات پوڻ ڪري ايس ڊي او آبپاشي ذولفقار کوسو منڍ جا سڀ واٽر بند ڪري منڍ جي زميندارن جا فصل پچائڻ لاء شاخ جو پاڻي پچڙي ڏي ڇڏي ڏنو آھي شاخ ۾ پاڻي گھڻو ڇڏڻ ڪري شاخ کي گھارو پيو آهي ڳوٺاڻن دانھيندي چيو تہ سدا واھ شاخ مان نڪرندڙ شاھپور مائينر جي واٽر ڪورس آر 1 کي گھارو پيو آھي آبپاشي عملدارن کي اطلاع ڏيڻ باؤجود گھاري واري جاء تي ڪوبہ آبپاشي عملدار  نہ پھتا آھن ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت گھارو ٻڌڻ ۾ ڪوششون ڪري رھيا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.