جمال شاهه لڳ پراسرار بيماري وگهي 2 ڀائر فوت، گهر۾ ماتم

جمال شاھ(ن ع آ)جمال شاھ ڀرسان ڳوٺ سلطان خاصخيلي ۾  ٻن ڏينهن اندر پر اسرار بيماري سبب معصوم ٻارڙا 2 سڳا ڀائر فوت ٿي  ويا آهن، جن ۾ 3 سالن جو ظفر خاصخيلي ۽ 4 سالن جو اظهر پٽ اسد الله خاصخيلي شامل آهن، ان سلسلي ۾ معصوم ٻارڙن جي والد اسدالله خاصخيلي ٻڌايو ته اچانڪ کنگھ ۽ سهڪو ٿيو ساھ گهٽجڻ سبب ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جنهن ڪري پريشان آهيون ،ڪيترائي وھم دل ۾ اچن ٿا، ان ڪري معاملي جي جاچ ڪئي وڃي، ته سندن موت جا ڪهڙا ڪارڻ هئا، جڏهن ته ٻن سڳن ڀائرن معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ سبب سندن ڳوٺ ۽ برداري ۾ سوڳ واري صورتحال آهي، جڏهن ته ٻارڙن جي امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، جڏهن ته ڳوٺ ۾ خوف واري صورتحال پڻ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.