لاڙڪاڻي لڳ 32 سالن جي نوجوان جو لاش هٿ، وارثن جي ڳولا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان آريجا ڦيڙهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀورو ڪلهوڙو وٽ حمير واهه ۾ 32 سالن جي همراهه جو لاش لڙهندي ڏسي  ڳوٺاڻن حد جي ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي ٽوٻن ذريعي لاش واهه مان ڪڍرائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو ۽ وارثن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان آريجا ڦيڙهو ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته حمير واهه مان لاش هٿ اچڻ جي اطلاع تي پوليس پهچي ٽوٻن جي ذريعي لاش ڪڍرائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري وارثن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي وارثن جو ڏس پتو پوڻ بعد اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون تنهن ڪري في الحال ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين وارثن جي ڳولا پڻ جاري هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.