لاڙڪاڻي ۾ آپگهات ڪندڙ جو لاش 34 ڪلاڪن بعد هٿ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي خودڪشي ڪندڙ پورهيت نوجوان علي رضا سومرو جو لاش 34 ڪلاڪن  بعد ڇنڇر رات دير سان هٿ ڪيو ويو جيڪو ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي ٻه ڏينهن اڳ رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪندڙ 2 ٻارن جي نوجوان پورهيت پيءُ علي رضا سومرو جو لاش 32 ڪلاڪن بعد شهر ڀرسان بازيگر پل وٽان ٽوٻن هٿ ڪري رائيس ڪئنال مان ڪڍي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي وارثن کي طلب ڪيو جنهن تي خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي وارث وحيد سومرو نوجوان جي ڪپڙن جي ذريعي سندس جي سڃاڻپ ڪئي ۽ بعد ۾ لاش چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.