نواب شاهه ۾برسات تباهي مچائي ڇڏي، فصل ٻڏي ويا، شهر ۾ گوڏي جيڏو پاڻي

نوابشاھه (بيورو رپورٽ) سڄي سنڌ سميت تازين برساتن ضلعي شھيد بينظير آباد جي ننڍن وڏن شھرن توڙي ڳوٺن ۾ وڏي تباھي مچائي ڇڏي آھي آبادگارن ۽ ھارين جا فصل برساتي پاڻي ۾ ٻُڏل آھن طرف ڊويزن  جي ھيڊڪوارٽر جو درجو رکندڙ شھر نوابشاھ پڻ انتظامي ۽ سياسي ۽ لاوارثي جو شڪار آھي نوابشاھ شھر جي سمورن مکيہ روڊن رستن، ڪاروباري مرڪزن ٻاھران ۽ سمورن پاڙن ۽ مُحلن ۾ برسات جو گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آھي ھيٺائي وارن پاڙن دولت ڪالوني، عظيم ڪالوني، مھراڻ ڪالوني، ڀنگوار ڪالوني، تاج ڪالوني ۾ پھريان کان بيٺل ڊرينيج جي گندي ۽ بدبودار پاڻي سان برسات جو پاڻي ملي وڃڻ کانپوءِ علائقن جي گھٽين، چوڪن چوراھن ۽ ميدانن ۾ گندي پاڻي جا بيٺل تلاءُ نيڪال نہ ٿيڻ سبب گھرن ۾ ڪاھي پيا آھن ۽ غريبن پورھيتن جا گھر بہ محفوظ نہ رھيا آھن مسلسل ٽن ڏينھن کان پوندڙ برسات سبب ڏھاڙي دار مزدور ۽ طبقو فاقاڪشي تي مجبور ٿي ويو آھي نوابشاھ شھر جي اھڙي سنگين صورتحال جي باوجود وزير اعليٰ سنڌ پاران برساتي ۽ امڪاني ٻوڏ جي حوالي سان مقرر ڪيل فوڪل پرسن پارس ڏيرو جنھن کي ضلعي سانگھڙ ۽ ضلعي شھيد بينظير آباد جي بحراني صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي اھو پڻ ھڪ دفعو بہ نوابشاھ شھر يا ضلعي شھيد بينظير آباد جي ٻين شھرن سڪرنڊ، قاضي احمد، دولت پور، دوڙ، ٻانڌي، سٺ ميل، ڄام صاحب سميت ڪنھن بہ علائقي جو دورو ڪرڻ بدران پنھنجي گھر تائين محدود آھي ساڳي بيحسي ڊويزن جي ڪمشنر ۽ ضلعي ڊپٽي ڪمشنر طرفان پڻ روا رکي وئي آھي جن ڪنھن بہ برسات متاثر علائقي جو دورو ڪري بي گھر بڻيل غريب ماڻھن جي سار سنڀال لھي کين رليف فراھم ڪرڻ لاءِ ڪو بہ قدم نہ کنيو آھي جڏھن تہ نوابشاھ ميونسپل ڪاميٽي جا سمورا آفيسر پنھنجي آفيسن ۾ ويھڻ بدران لاپتا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.