اُميد ته آءِ ايم ايف جو مالي پيڪيج، ملڪي معيشت جي بهتري تي خرچ ٿيندو

اها پنهنجي جاءِ تي سرهائي جي ڳالهه آهي ته ملڪ، جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته معاشي طور تي ڏيوالي جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتو آهي ۽ جيڪڏهن آءِ ايم ايف، معاهدي تحت قرض نٿو ڏئي ته پاڪستان ۾ سريلنڪا جهڙيون حالتون ٿي وينديون. جيتوڻيڪ آءِ ايم ايف سان رپورٽن موجب اهو معاهدو پي ٽي آءِ جي گذريل حڪومت ڪيو هو پر مجبورن موجوده شهباز شريف جي حڪومت کي ان تحريري معاهدي تي عمل ڪرڻو پيو ڇاڪاڻ ته اهو معاهدو پاڪستان جي حڪومت سان ٿيل هو. آءِ ايم ايف جي ان معاهدي لاءِ ڪجهه شرطون پي ٽي آءِ جي حڪومت مڃيون هيون ۽ ڪن تي اختلاف به هيو، جنهن مان آءِ ايم ايف به مڪمل طور تي خوش نه هو. وري بلاول ڀٽو زرداريءَ مهانگائي مارچ شروع ڪيو ۽ مخالف ڌر بي اعتمادي جي رٿ آندي ته عوامي همدرديون ماڻڻ لاءِ عمران خان، پهريون ڀيرو عوام کي رليف ڏنو ۽ پيٽرول جي قيمت کي گهٽايائين ۽ بجيٽ تائين قيمتون نه وڌائڻ جو اعلان ڪيائين جنهن کي سياسي فيصلو قرار ڏنو پئي ويو ته اُها حڪومت جيڪا چوندي هئي ته اسان پيٽروليم جي عالمي اگهن جي واڌ ۽ لاٿ تحت پيٽرول جون قيمتون وڌائيندا، گهٽائيندا يا برقرار رکندا آهيون تنهن پوءِ مخالف ڌر جي دٻاءُ کي گهٽائڻ ۽ عوام کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن پاڻمرادو پيٽروليم جا اگهه گهٽايا. بلاول ڀٽو زرداري وري ان رليف جو ڪريڊٽ پاڻ پيو کڻي ته ان جي لانگ مارچ جو عوام کي فائدو مليو.

بهرحال جڏهن بي اعتمادي جي ڪامياب رٿ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان پارليامينٽ مان آئوٽ ٿيو ۽ سندس پارٽي جي ميمبرن قومي اسيمبلي مان استعيفائون ڏنيون ۽ نئون وزيراعظم شهباز شريف ٿيو ته هن اهو شرط رکيو ته ملڪ کي ڏيوالي مان ڪڍڻ لاءِ مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا، پيٽروليم جا اگهه وڌائڻا پوندا ۽ اهو ڪم اسان تڏهن ڪنداسين جڏهن اسان کي موجوده پارليامينٽ جو مدو پورو ڪرڻ يعني ڏيڍ سال حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو ۽ جڏهن اندروني طور کين پڪ ملي ته پوءِ ان حڪومت آءِ ايم ايف جي معاهدي جي نقطن تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو. پهريان ٽي مهينا سخت فيصلا ڪيا. پيٽروليم جا ريڪارڊ اگهه وڌايا ۽ عوام کان ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ قرباني ورتي وئي جنهن جو چون ٿا ته هاڻي ملڪ ۽ عوام کي ثمر ملڻ وارو آهي.

شهباز شريف جي حڪومت هاڻي دعويٰ ڪري رهي آهي ته ملڪ معاشي ڏيوالي مان نڪري آيو آهي. ان حوالي ۾ وڏي خبر اها آهي ته آءِ ايم ايف گذريل خميس ڏينهن پاڪستان کي هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالر قرض جي قسط ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. آءِ ايم ايف جي ان معاهدي کانپوءِ چون ٿا ته پاڪستان کي سعودي عرب، چين ۽ ٻين ملڪن کان به قرض ملي سگهندا ۽ آڪٽوبر تائين جيڪڏهن پاڪستان مڪمل طور تي گري لسٽ مان نڪري ٿو ته ڪيتريون ئي معاشي پابنديون به ختم ٿيندس. آءِ ايم ايف طرفان جاري بيان موجب پاڪستان کي موجوده بجيٽ تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو، عالمي حالتن تحت پاڪستان کي واڌارو قدم کڻڻ لاءِ به تيار رهڻو پوندو. هوڏانهن ڪرپشن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۾ اليڪٽرانڪ طور اثاثا ظاهر ڪرڻ جو ڪم پڻ هلي رهيو آهي.

سو هڪ لحاظ کان برابر اها سٺي خبر آهي ته پاڪستان کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ آءِ ايم ايف طرفان قرض جي هڪ قسط ملي وئي آهي پر ان سان گڏوگڏ آءِ ايم ايف جي شرطن تي پورو لهڻ جو امتحان به شروع ٿي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي اها خواهش به درست آهي ته شل آءِ ايم ايف سان ڪيل اهو معاهدو آخري هجي ۽ اڳتي هلي اسان پنهنجن پيرن تي بيهي سگهڻ جو ڪو جوڳو انتظام ڪري سگهون. بلڪل اها سڄي ملڪ جي عوام جي به خواهش آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي قرضن مان جند ڇڏائڻ جو ڪو بندوبست ڪري. اهو بندوبست ظاهر آهي ته ايندڙ چونڊيل حڪومت ئي ڪري سگهي ٿي تيستائين وزيراعظم شهباز شريف کي گهرجي ته هو آءِ ايم ايف کان مليل مالي پيڪيج جي ڪا ٺوس پاليسي مرتب ڪري عوام آڏو پيش ڪري ته ان مالي پيڪيج سان ڪيئن ملڪي معيشت کي بهتر ڪيو ويندو ۽ اهو ڪهڙو طريقو هوندو جنهن سان اها پڪ ڪجي ته اهي پيسا صرف ۽ صرف ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ استعمال ٿيندا ۽ ڪنهن به قسم جي ان ۾ ڪرپشن نه ٿيندي.

هونئن ته پاڪستان جي معاشي پاليسي تي آءِ ايم ايف جي به نظر هوندي پر اخلاقي طور تي وزيراعظم شهباز شريف تي به ذميواري آهي ته اُهو ان مالي پيڪيج سان (جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺين ۽ وچين طبقي کان معاشي قرباني ورتي وئي آهي ۽ عوام ملڪ خاطر اها قرباني ڏني به آهي، ان سلسلي ۾ هو سراپا احتجاج به نه ٿيو) واقعي به ملڪي معيشت کي بهتر ڪري ۽ ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ معاشي ڏيوالي مان ڪڍي ڏيکاري. ان لاءِ اهو لازمي آهي ته اهي پيسا هر حالت ۾ ڪرپشن کان بچايا وڃن ۽ ڪرپشن جو پاڇو به ان تي نه پوڻ گهرجي. ٻيو ته آءِ ايم ايف جو قرض لاهڻ جو به گڏوگڏ انتظام ڪيو ويندو. ان لاءِ اهو ضروري آهي ته مٿين طبقي تي وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي ۽ يقيني طور تي ان کان ٽيڪس وصول ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.

جيڪڏهن موجوده شهباز شريف جي حڪومت واقعي به آءِ ايم ايف جي مالي پيڪيج کي ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ استعمال ڪيو، ان کي ڪرپشن کان بچائي ورتو، مٿين طبقي کان ٽيڪس جي وصولي جو سخت انتظام ڪيو ته ان سان نه رڳو ملڪ معاشي طور ڏيوالي کان نڪري ايندو پر موجوده حڪومت جي ڪارڪردگي کي به ساراهيو ويندو ته ان ملڪ کي، ٽن مهينن اندر سريلنڪا ٿيڻ کان بچايو، ملڪ جي معيشت کي مضبوط ڪيو ۽ اڳتي آءِ ايم ايف جي قرضن کانسواءِ ملڪي معيشت کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ جو پروگرام به ڏنو. اميد ته ائين ئي ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.