چاچا شمس جيڪو خدمت خلق جو مهندار هو

تحرير: اشرف لاريب

اسان جي سونهاري سنڌ ۾ نيڪ دل الله وارا سٻاجهڙا  انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن ،جن پنهنجي حياتي صرف ۽ صرف  انسانيت جي خدمت ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هوندي آهي،  اهڙن  نيڪ دل انسانن مان اسان جو  قابل احترام چاچا شمس الدين شيخ پڻ آهي.

شمس الدين شيخ پهرين جنوري 1945 تي پنوعاقل شهر ۾ محترم الله ڏنو  شيخ  جي  ُان گهر ۾ اک کولي  جنهن ۾  هن وقت الشمس  اسپتال  قائم ڪئي وئي  آهي  ،شمس الدين شيخ جن جي ابتدائي تعليم گورنمنٽ مين پرائمري اسڪول پنو عاقل مان حاصل ڪئي جڏهن ته مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول پنوعاقل ۽ بي اي اسلاميا ڪاليج سکر مان  ۽ ايم اي (سنڌي ) پڻ ساڳئي ڪاليج  سکر مان حاصل ڪئي.

شمس الدين شيخ  جن جو والد  پيشي جي اعتبار سان استاد هو ان سان گڏو گڏ واپاري پڻ هو ، استاد هئڻ جي ناتي پنهنجي گهر جي ڪجهه حصي ۾ جنهن ۾ هن وقت الشمس اسپتال آهي ان ۾نيو ماڊل   نالي  اسڪول پڻ کوليائين   جيڪو اڳتي هلي بند ٿي ويو ،تنهن کان پوءِ سندس والد  باقاعده ڪاروبار ڪرڻ لڳو ، چاچا شمس الدين کي هڪ ڀيري هڪ الله واري بزرگ چيو  هو ته اوهان جي نياڻي کي وڏو رتبو ملندو، ۽ خدا جي قدرت ٿيو به ائين  ته تمام  ننڍڙي وهي ۾ خانداني دشمني ۾ ظالمن هن جي  معصوم نياڻي کي بي ڏوهي شهيد ڪري وڌو، پرچاچا شمس  بهادري ۽ صبر جو مظاهرو ڪندي  پنهنجي نياڻي جي ناحق خون جو  حساب ڪنهن کان به نه ورتو پر خون جو ڪيس درج  ئي نه ڪرايو ۽ فيصلو رب آڏو ڇڏي ڏنو، اهڙي ريت هن جي نياڻي جا قاتل جيل مان آزاد ٿي ويا.

شمس الدين شيخ جن جي زندگي پر خطر،حيرت انگيز  واقعن سان ڀريل آهي جيڪي شايد هن ننڍڙي آرٽيڪل  ۾بيان نٿا ڪري سگهجن.

چاچا شمس الدين شيخ  طبيعت جي لحاظ کان هونئن ته ٿڌي طبيعت جا مالڪ هئا پر جڏهن ڪا غلط ڳالهه  يا نا انصافي ڏسندا هئا   ته ڪڏهن ڪڏهن گرم به ٿي پوندا هئا   پر اها ڪاوڙ به جهٽ گهڙي تائين رهندي هيس، عام طور تي  نهايت سٻاجهڙا، صابرين، پُر خلوص ،ملنسار ۽ سخي  هئا، پاڻ ننڍپڻ کان وٺي   هر ڪنهن سان کلي ڀليڪار ڪندڙ  شخصيت جا مالڪ رهيا، ننڍپڻ جون ساروڻيون ساريندي چاچا سائين جن ٻڌايو ته پاڻ جڏهن  اسڪول پڙهڻ ويندا هئا ته اسڪول ۾ هن غريب ٻارن جي مدد ڪرڻ لاءِ ننڍي پئماني تي Poor Fund  جي نالي تي هڪ فنڊ قائم ڪيو هو جنهن جي مدد سان امير گهراڻن جي شاگردن کان پئسا وٺي ان مان غريب ٻارن کي ڪتاب ،ڪاپيون قلم وغيره وٺي ڏيندا هئا اهڙي ريت خدمت خلق ڪرڻ وارو جذبو ننڍپڻ ۾ سندس خون ۾ شامل رهيو هو  .اهو ساڳيو جذبو سندس شريانن  ۾ موجود رهڻ ڪري  ، هميشه اهو سوچيندا هئا ته پنهنجي گهر کي  غريبن جي مفت علاج فراهم ڪرڻ لاءِ اسپتال ۾ منتقل ڪجي پر رب پاڪ دلين جا ڀيد ڄاڻندو آهي .

جيئن ته پاڻ پنو عاقل شهر ۾ رهائش ڪري تر جي معزز شهرين سان واسطو رهندو  هئس، هڪ ڏينهن چاچا شمس الدين جن جي ملاقات سگا جي نوجوان کاهوڙي محترم انور علي سيال صاحب  جن سان ٿي ،جنهن هن کي نه صرف سگا جي سماجي ڪمن بابت آگاهي ڏني پر چاچا شمس  بذات خود ويجهڙائي کان انور سيال جن جي شخصيت مان تمام گهڻا متاثر ٿيا،اهڙي ريت سن نوي جي ڏهاڪي ۾ چاچا شمس الدين شيخ باقاعده  سگا پنو عاقل شاخ جا ميمبر بڻيا. چاچا شمس الدين شيخ سگا پنوعاقل جي ٻين کاهوڙي ڪردارن مان تمام گهڻو متاثر ٿيا پنهنجي سموري  ڪروڙين رپين جي جائيداد ڪاغذن سميت انور سيال جن جي حوالي ڪئي هن جو اهو پڻ چوڻ هوندو هو  ته جيڪڏهن انور سيال نه هجي ها ته هي الشمس اسپتال به نه هجي ها ۽ اڄ منهنجي هي سموري زندگي جي جمع پونجي سگا جهڙي  نامور ،مضبوط اداري جي هٿن ۾ به نه هجي ها.

چاچا ،شمس الدين شيخ جن پنهنجي جائيداد الشمس چيريٽيبل اسپتال قائم ڪرڻ جي مقصد لاءِ وقف ڪري ڇڏي،اهو ئي سبب هو  ته پاڻ پنوعاقل ۾ سندس جي عطيي ڪيل جائيداد جي مدد سان  2007 ۾ الشمس اسپتال خيراتي اسپتال سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن قائم ڪئي وئي آهي جنهن جي مدد سان ڳوٺن توڙي ڀر پاسي جا غريب ماروئڙا مفت علاج جي سهولت حاصل ڪري رهيا آهن ،پاڻ 2007 کان مرڻ گهڙي  تائين لڳاتار الشمس اسپتال کي پنهنجين اکين سان غريبن جو علاج ڪندي ڏسندي  سڪون محسوس ڪندا هئا، ان کان علاوه چاچا شمس جي باقي بچيل زمين جو ٽڪڙو جيڪو الشمس اسپتال جي ڀر سان آهي جيڪو پڻ  هن وقت ڪروڙ رپين جي ماليت جو آهي اهو  بيبي فاطمه بلڊ بئنڪ سگا ٺاهڻ جهڙي عظيم مقصد لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين ، سندس جي اها پڻ خواهش  هئي  ته بيبي فاطمه بلڊ بئنڪ جلد کان جلد قائم ڪري غريب ٻارن ۽ مريضن کي مفت خون جو عطيو مهيا  ڪري سگهجي.چاچا شمس الدين جن جي سخاوت ،انسان ذات لاءِ احساس واري جذبي کي  ڏسي شهر واسي پيار ۽ اتساهه مان کيس چاچا شمس ڪري ڪوٺيندا  آهن ،پنجائپ وارو بنا ڪنهن لالچ ،بغير ڪنهن هٻچ جي خدمت واري عظيم شخص  جي معصوم نوراني چهري مان  احسا س عيان ٿي رهيو هوندو هو ،پنو عاقل  واسي سندس خدمت ،محنت ايمانداري ڏسي تر توڙي ڳوٺ واسي امانتدار سمجهي فلاحي ڪمن ۾ سندس همت وڌائيندا رهيا.

شمس الدين شيخ  ايريگيشن  ۾ 5 گريڊ ۾ ملازمت ڪئي ۽ 16 گريڊ ۾31 ڊسمبر 2004 ۾  ريٽائرٽمنٽ  حاصل ڪيائين چاچا شمس جسماني طور تي ضعيف ضرور ٿي چڪا  هئا  پر هن  ضعيف عمر ۾ به پاڻ کي ٻين جو محتاج نه  ڪرڻ چاهيندا هئا، پاڻ هن ڪمزرو هڏڙن جي باوجود همت سان خودداري سان ننڍي پئماني تي سيڙپ ڪاري ڪري ڪاروبار هلائي  رهيا هئا جنهن ۾ رڪشن،ٽيڪسي جو ڪاروبار شامل آهي ان کان علاوه  سندن خدمت خلق وارو جذبو جوانن وانگر جوش ڏياريندو رهندو  هو ، چاچا شمس الدين شيخ  جن جي شخصيت انسان ذات لاءِ ناقابل فراموش مثال آهي.سندس بي لوث خدمت خلق واري جذبي کي ڏسي سنڌ جي نالي واري رضاڪار تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن گذريل مهيني سگا جي گولڊن جوبلي واري تقريب ۾ چاچا شمس کي سندس مڃتا عيوض گولڊ ميڊل ۽ شيلڊ سان نوازيو ويو ايوارڊ وٺڻ مهل هن جي ضعيف جسم ۾ نوجوانن وانگر وڏو جوش ۽ جذبو ڏسڻ ۾ آيو پنهنجي تقريرن ۾ چاچا شمس سڀني ساٿين کي اتساهه ڏيندو رهندو هو.

ھڪ شاندار شخص،ھڪ سخي مرد جي جدائي ھن شھر ۽ھن تنظيم جو ناقابل تلافي نقصان آھي.ھي ڏک جيترو سندس خاندان جو ڏک آھي اوتروئي اسان سڀني جو ۽  خاص طور تي سنڌ واسين جو  ڏک آھي جيڪو ان شفقت ڀرين دعائن کان محروم ٿيو آھي ڇاڪاڻ ته  چاچي جو تمام گھڻوپيار غريبن سان ھيو،ھو. حقيقت ۾اڄ اسان سڀئي ھڪ شفيق ،مھربان ۽خير خواھ سرپرست کان محروم ٿي ويا آھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.