وڌنڌڙ مهانگائي سبب سماجي واسطن جو پيدا ٿيل بحران

تحرير: حسن جان سومرو

مهانگائي جي اڀريل لهرن پاڪستان جي جي معيشت کي ٻوڙي ڇڏيو آهي.مهانگائي جي سونامي سماجي بحران کي جنم ڏنو آهي.جنهن جي ڪري سماجي طور ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا آهن.مهانگائي جي طوفان سبب انسان جي بنيادي سهولتن کان ويندي سماجي زندگي تي به تمام گهڻا اثر پيا آهن.ماڻهو جي افرداي قوت سخت متاثر ٿي آهي.ڪمائڻ جي سگهه ۽ حاصل ٿيندڙ سرمايو موجوده بڌترين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ناڪافي آهي.
ملڪي معشيت جي موجوده صورتحال ملڪي تاريخ جي بدترين صورتحال آهي.جنهن جي ڪري پاڪستاني معاشري ۾ پيدا ٿيندڙ بحران ڪنهن وڏي حادثي کي جنم ڏئي سگهي ٿو.سريلنڪا جي صورتحال اسان جي سامهون آهي،معاشي بحران سبب عوام بک مري رهيو آهي.ماڻهو حڪومت خلاف رستن تي نڪري اچي ملڪ گير احتجاج ڪيا ،جنهن کان پوءِ اتان جي حڪومت ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي.سريلنڪا به غيرملڪي قرضن ۽ چين سان ٿيل معاهدن سبب موجوده صورتحال ۾ تمام ڏکي حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. پاڪستاني معيشت لاءِ چيلينج ثابت ٿيندڙ فيڪٽرز ۾ بينڪ اڪائونٽز خسارو،مالي عدم توازن،گهٽ زرعي پيداوار،گهٽ صنعتي پيداور،سياسي معيشت جي ناقص ڍانچي سبب ملڪ شديد بحران ڏانهن وڌي رهيو آهي.موجودو اڪائنٽز خسارو USD 31.06 billion آهي.
هلندڙ مالي سال ۾ 8.2 سيڪڙو جو مالياتي خسارو، جيڪو گذريل سال جي 7.1 سيڪڙو کان وڌي، ترقياتي خرچن کي وڌيڪ محدود ڪندو، ان ڪري وچولي ۽ ڊگهي مدي ۾ معيشت جي ترقي جي امڪانن کي متاثر پڻ ڪندو.
مهانگائي جي طوفان ۾ عوام سماجي رابطن کان پڻ ڪٽجي رهيو آهي.ٽرانسپورٽ جي وڌندڙ ڪراين سبب ماڻهو پنهنجن مٽ مائٽن ڏانهن وڃڻ کان پڻ لنوائي رهيو آهي.ڇاڪاڻ ته افرادي قوت قومي ناڻي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي.ان ڪري ماڻهو سماجي طور ويڳاڻپ جو شڪار ٿي رهيا آهي.مهانگائي جا نه رڳو سماجي پاسا هوندا آهن پروڌندڙ مهانگائي جي ڪري فردن تي نفسياتي اثر پوندا آهن.سماجي طور ذهني طور اسان کي تندرست رکندا آهن.
معاشي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ آئي ايم ايف کان ست ارب ڊالرن جي قرضن جي ٿيل معاهدن کان پوءِ ملڪي معشيت ۽ عوامي سطح تي ڪيتري قدر فرق پوندو،اهو ايندڙ وقت ۾ خبر پوندي.ڇاڪاڻ ته قرض ڪنهن به ملڪي معيشت جي سڌاري جو حل ناهن هوندا.قرض ملڪي صورتحال کي وڌيڪ بحران ۾ وٺي ويندا آهن.عالمي قرض ڏيندڙ اداري آءِ ايم ايف، چيو ته اسلام آباد کي ”ڪنهن به اضافي قدم کڻڻ“ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. آءِ ايم ايف جي بيان ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته نئين نظرثاني ٿيل بجيٽ ۾ 153 ارب رپيا يا جي ڊي پي جي 0.2 سيڪڙو جي پرائمري بجيٽ سرپلس هدف جي مقابلي ۾، آئي ايم ايف 0.4 سيڪڙو ٽارگيٽ ڏنو آهي. آءِ ايم ايف جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”مالي سال 2023 جي بجيٽ تي ثابت قدمي سان عملدرآمد“ پروگرام جي تسلسل لاءِ هڪ اهم عنصر آهي.
حڪومت کي گهرجي ته غربت جي خاتمي لاءِ ملڪي سطح تي نوان پروگرام نيون پاليسيون جوڙيون وڃن.پر حڪومتي لاپرواهي سبب عوامي سطح تي ڪي به اهڙا پروگرام ناهن جوڙيا ويا جنهن سان غربت جي اٿيل سونامي جو خاتمو اچي سگهي.پر اسان جي حڪمران طبقي وٽ مهانگائي جي خاتمي ۽ سماجي واسطن جي بحالي لاءِ ڪو به عوام دوست پروگرام ناهي، جنهن سان غربت ۾ خاتمو اچي ۽ ماڻهو پنهنجي بنيادي ضرورتن مطابق زندگي گذاري سگهن.تعليم صحت کاڌي پيتي جي شين جي وڌندڙ اگهن کان پوءِ عام ماڻهو جي زندگي تي معيار تي تمام گهڻو اثر پيو آهي.نتيجن ماڻهو بک بدحالي کي منهن ڏئي رهيا آهن،جنهن سان سماج ۾ اڻبرابري واري صورتحال پيدا ٿي آهي.اڻبرابري واري صورتحال ۾ سماج ڏوهن جي ور چڙهندو آهي،جنهن سان سماج تي منفي اثر پوندا آهن.انهن منفي اثرن کان بچڻ لاءِ سماج ۽ ملڪ کي بچائڻو آهي جيڪو حڪمران طبقي جي ذميواري آهي.مهانگائي جي اڀريل لهرن پاڪستان جي جي معيشت کي ٻوڙي ڇڏيو آهي.مهانگائي جي سونامي سماجي بحران کي جنم ڏنو آهي.جنهن جي ڪري سماجي طور ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا آهن.مهانگائي جي طوفان سبب انسان جي بنيادي سهولتن کان ويندي سماجي زندگي تي به تمام گهڻا اثر پيا آهن.ماڻهو جي افرداي قوت سخت متاثر ٿي آهي.ڪمائڻ جي سگهه ۽ حاصل ٿيندڙ سرمايو موجوده بڌترين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ناڪافي آهي.
ملڪي معشيت جي موجوده صورتحال ملڪي تاريخ جي بدترين صورتحال آهي.جنهن جي ڪري پاڪستاني معاشري ۾ پيدا ٿيندڙ بحران ڪنهن وڏي حادثي کي جنم ڏئي سگهي ٿو.سريلنڪا جي صورتحال اسان جي سامهون آهي،معاشي بحران سبب عوام بک مري رهيو آهي.ماڻهو حڪومت خلاف رستن تي نڪري اچي ملڪ گير احتجاج ڪيا ،جنهن کان پوءِ اتان جي حڪومت ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي.سريلنڪا به غيرملڪي قرضن ۽ چين سان ٿيل معاهدن سبب موجوده صورتحال ۾ تمام ڏکي حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. پاڪستاني معيشت لاءِ چيلينج ثابت ٿيندڙ فيڪٽرز ۾ بينڪ اڪائونٽز خسارو،مالي عدم توازن،گهٽ زرعي پيداوار،گهٽ صنعتي پيداور،سياسي معيشت جي ناقص ڍانچي سبب ملڪ شديد بحران ڏانهن وڌي رهيو آهي.موجودو اڪائنٽز خسارو USD 31.06 billion آهي.
هلندڙ مالي سال ۾ 8.2 سيڪڙو جو مالياتي خسارو، جيڪو گذريل سال جي 7.1 سيڪڙو کان وڌي، ترقياتي خرچن کي وڌيڪ محدود ڪندو، ان ڪري وچولي ۽ ڊگهي مدي ۾ معيشت جي ترقي جي امڪانن کي متاثر پڻ ڪندو.
مهانگائي جي طوفان ۾ عوام سماجي رابطن کان پڻ ڪٽجي رهيو آهي.ٽرانسپورٽ جي وڌندڙ ڪراين سبب ماڻهو پنهنجن مٽ مائٽن ڏانهن وڃڻ کان پڻ لنوائي رهيو آهي.ڇاڪاڻ ته افرادي قوت قومي ناڻي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي.ان ڪري ماڻهو سماجي طور ويڳاڻپ جو شڪار ٿي رهيا آهي.مهانگائي جا نه رڳو سماجي پاسا هوندا آهن پروڌندڙ مهانگائي جي ڪري فردن تي نفسياتي اثر پوندا آهن.سماجي طور ذهني طور اسان کي تندرست رکندا آهن.
معاشي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ آئي ايم ايف کان ست ارب ڊالرن جي قرضن جي ٿيل معاهدن کان پوءِ ملڪي معشيت ۽ عوامي سطح تي ڪيتري قدر فرق پوندو،اهو ايندڙ وقت ۾ خبر پوندي.ڇاڪاڻ ته قرض ڪنهن به ملڪي معيشت جي سڌاري جو حل ناهن هوندا.قرض ملڪي صورتحال کي وڌيڪ بحران ۾ وٺي ويندا آهن.عالمي قرض ڏيندڙ اداري آءِ ايم ايف، چيو ته اسلام آباد کي ”ڪنهن به اضافي قدم کڻڻ“ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. آءِ ايم ايف جي بيان ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته نئين نظرثاني ٿيل بجيٽ ۾ 153 ارب رپيا يا جي ڊي پي جي 0.2 سيڪڙو جي پرائمري بجيٽ سرپلس هدف جي مقابلي ۾، آئي ايم ايف 0.4 سيڪڙو ٽارگيٽ ڏنو آهي. آءِ ايم ايف جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”مالي سال 2023 جي بجيٽ تي ثابت قدمي سان عملدرآمد“ پروگرام جي تسلسل لاءِ هڪ اهم عنصر آهي.
حڪومت کي گهرجي ته غربت جي خاتمي لاءِ ملڪي سطح تي نوان پروگرام نيون پاليسيون جوڙيون وڃن.پر حڪومتي لاپرواهي سبب عوامي سطح تي ڪي به اهڙا پروگرام ناهن جوڙيا ويا جنهن سان غربت جي اٿيل سونامي جو خاتمو اچي سگهي.پر اسان جي حڪمران طبقي وٽ مهانگائي جي خاتمي ۽ سماجي واسطن جي بحالي لاءِ ڪو به عوام دوست پروگرام ناهي، جنهن سان غربت ۾ خاتمو اچي ۽ ماڻهو پنهنجي بنيادي ضرورتن مطابق زندگي گذاري سگهن.تعليم صحت کاڌي پيتي جي شين جي وڌندڙ اگهن کان پوءِ عام ماڻهو جي زندگي تي معيار تي تمام گهڻو اثر پيو آهي.نتيجن ماڻهو بک بدحالي کي منهن ڏئي رهيا آهن،جنهن سان سماج ۾ اڻبرابري واري صورتحال پيدا ٿي آهي.اڻبرابري واري صورتحال ۾ سماج ڏوهن جي ور چڙهندو آهي،جنهن سان سماج تي منفي اثر پوندا آهن.انهن منفي اثرن کان بچڻ لاءِ سماج ۽ ملڪ کي بچائڻو آهي جيڪو حڪمران طبقي جي ذميواري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.