اوٻاوڙو ۾ استاد طور ڀرتي ٿيندڙ نوجوان جو ڪاغذن جي تصديق ۽ ميڊيڪل لاءِ لاڳاپيل عملدارن تي رشتو وٺڻ جو الزام

اوٻاوڙي ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪري استاد طور ڀرتي ٿيندڙ نوجوان ڪاغذن جي تصديق ۽ ميڊيڪل لاءِ لاڳاپيل عملدارن تي رشتو وٺڻ جو الزام هنيو آهي.

نوجوان صابر سمون پنهنجي دوستن سوڌو پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي نوجوان جو چوڻ هو ته هو آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪري ميرٽ تي پرائمري طور استاد ڀرتي ٿيو آهي.

هن الزام هڻندي چيو ته استاد طور ڀرتي ٿيڻ بعد هو رمضان مهيني دوران ڪاغذن تصديق لاءِ اوٻاوڙي ٿاڻي تي ويو هو جتي اڳوڻي ايس ايڇ او ايوب ڊوگر ۽ جمعدار رحيم کوسو رشوت طلب ڪئي جيڪا نه ڏيڻ تان بدتميزي ڪئي وئي، جڏهن ته ايم ايم ميرپورماٿيلو پڻ ميديڪل لاءِ رشوت گھري هئي.

نوجوان وڌيڪ چيو ته استاد معاشري جو اهم جز آهي، پر ملڪ جي ادارن ۾ استادن سان ائين ڪيو وڃي ٿو ته عام شهري سان ڪهڙو حشر هوندو، اعليٰ آفيسر زيادتي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.