مٽياري: مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن جو پ پ اڳواڻن تي هراسان ڪرڻ جو الزام

مٽياري ۾ مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن پ پ اڳواڻن تي هراسان ڪرڻ جو الزام هنيو آهي.

يوسي مٽياري تي مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ پي ٽي آءِ عبدالرزاق کوسو، منور خشڪ، جي ڊي اي جي حافظ عزيزلله، واحد بخش جکريجو ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي گڏيل طور تي حصو ورتو آهي پر پ پ جا اڳواڻ مختلف بهانن سان اليڪشن کان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ آهن.

هنن وڌيڪ چيو ته پ پ جا اميدوار چونڊ کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ جاني نقصان پهچائڻ جو ڌمڪيون ڏئي حراسان پڻ ڪري رهيا آهن، چيف اليڪشن ڪمشنر، آءِ جي سنڌ ۽ بيون اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.