”ڌانڌلي پي ٽي آءِ جي ڊي اين اي ۾ شامل آهي“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز لاهور ۾ پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 168 ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪن وٽان 200 سڃاڻپ ڪارڊ هٿ اچڻ واري معاملي تي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز جو چوڻ هو ته ڌانڌلي پي ٽي آءِ جي ڊي اين اي ۾ شامل آهي، اليڪشن ڪميشن جو عملو ۽ ٿيلها چورائي نٿا سگھن ته ڌانڌلي جو ٻيو طريقو ڪڍي آيا.

هن چيو هي ڄاڻين ٿا ته ڌانڌلي ڪرڻ بنا نه پهرين اليڪشن کٽي هئي ۽ نه هاڻ کٽي سگھن ٿا، هي سليڪشن نه اليڪش ٿي رهي آهي.

ياد رهي ته لاهور جي فيڪٽري ايريا مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪن وٽان لڳ ڀڳ 200 سڃاڻپ ڪارڊ هٿ ٿيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.