اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ ڪارڪن وٽان سڃاڻپ ڪارڊ هٿ اچڻ جو نوٽيس ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 168 ۾ پڪڙيل سڃاڻپ ڪارڊن جو نوٽيس ورتو آهي.

پڌرائي موجب اليڪشن ڪميشن پاران ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر کان معاملي جي تفصيلي رپورٽ به طلب ڪئي وئي آهي.

پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران پڪڙيل شخص خلاف ڪيل قانوني ڪارروائي جا تفصيل به طلب ڪيا ويا آهي.

ياد رهي ته لاهور جي فيڪٽري ايريا مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪن وٽان لڳ ڀڳ 200 سڃاڻپ ڪارڊ هٿ ڪيا ويا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.