ٽيم ۾ واپسي لاءِ وزن گهٽائڻ سان گڏ ڪارڪردگيءَ تي ڌيان ڏئي رهيو آهيان: شرجيل خان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر شرجيل خان پنهنجو وزن گهٽائڻ جو عزم ظاهر ڪندي جلد ٽيم ۾ واپسي جي حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي.

هڪ انٽرويو دوران هن چيو ته ڪشمير پريميئر ليگ سيزن ٽو لاءِ سٺي تياري ڪئي آهي، پهرين سيزن جيان هن سيزن ۾ پڻ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندس.

هن چيو ته ايونٽ ۾ مداحن کي ڇڪا ۽ چوڪا هڻندر نظر ايندس ۽ بال کي ميرٽ تي کيڏڻ جي پوري ڪوشش ڪندس.

پنهنجي فٽنس بابت سندس چوڻ هو ته وزن گهٽايو آهي پر اڃا وڌيڪ وزن گهٽائڻ هدف آهي، فٽنس کي بهتر بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهيان.

ٽيم ۾ واپسي واري سوال تي اوپننگ بيٽر چيو ته پاڪستاني ٽيم ۾ سخت مقابلو آهي پر ڪشمير ليگ ۽ قومي ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري ٽيم ۾ واپس ايندس.

شرجيل خان وڌيڪ چيو  عالمي ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ سئو ڏينهن کان گهٽ وقت باقي بچو آهي ڪوشش آهي ته سٺي ڪارڪردگي ذريعي ٽيم ۾ واپسي ڪيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.