شيخ رشيد جو اسٽيبلشمينٽ لاءِ اهم پيغام

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گھرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد اسٽيبلشمينٽ کي ننڍي چونڊ کان پري رهڻ جو پيغام ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان جي ووٽرن جو رستو روڪيو ويو ته اهڙي چڻنگ اٿندي، جيڪا سڀني کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيندي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته منهنجي خلاف انهن ماڻهن ايترا ڪوڙا ڪيسا ٺاهيا آهن جو هر روز نئين عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوي ٿو.

پنجاب ۾ ننڍي چونڊ جي حوالي سان شيخ رشيد جو چوڻ هو ته اسٽيبلشمينٽ کي اهم پيغام ڏيڻ گھران ٿو، سڀاڻي جو ڏينهن تاريخ جو اهم ترين ڏينهن هوندو، اسٽيبلشمينٽ کي گذارش ٿو ڪريان ته اليڪشن کان پري رهي.

هن چيو ته اليڪشن ۾ قوم ڪنهن قسم جي ڌانڌلي ۽ غنڊه گردي برداشت نه ڪندي، سڀاڻي وارين چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ کي ثابت ڪرڻو آهي ته اها اڻ ڌري آهي.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن سڀاڻي قوم عمران خان کي ووٽ ڏئي ٿي ته ان جو رستو نه روڪيو وڃي، رستو روڪيو ويو ته اهڙي چڻنگ ۽ باهه ڀڙڪندي، جيڪا سڀني کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.