ننڍي چونڊ: لاهور ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن وٽان 200 سڃاڻپ ڪارڊ هٿ

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي فيڪٽري ايريا مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪن وٽان لڳ ڀڳ 200 سڃاڻپ ڪارڊ هٿ ڪيا ويا آهن.

پوليس موجب جوابدار خالد سنڌو پي پي 168 ۾ سڃاڻپ ڪارڊن ذريعي ووٽ خريدڻ جي رٿابندي ڪري رهيو هو، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پي پي 168 لاهور جي مختلف يوسين ۾ ووٽرن جا سڃاڻپ ڪارڊ وٺي انهن کي پئسا ڏنا.

پوليس موجب جوابدار خالد سنڌو ٻڌايو ته انهن ماڻهن جي ڊمانڊ هئي ۽ هر ڪارڊ عيوض پئسا ڏيڻ جي ڊيل ٿي هئي، ڊيل اها هئي ته هر ڪارڊ تي پئسا ڏيو ته ووٽ وجهنداسين، ان لاءِ ڪارڊ گڏ ڪيا هئا، هر ڪارڊ عيوض ڪنهن کي 2 ۽ ڪنهن کي 3 هزار رپيا ڏيڻا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.