ٽئين ۽ چوٿين ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ به پاڪ ڀارت ٽيسٽ سيريز شامل ناهي، جنهن جو مطلب آهي ته 2027ع تائين شوقين پاڪ ڀارت ٽيسٽ ميچ ڏسڻ کان محروم رهندا.
ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 25-2023ع ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 6 ٽيسٽ ميچون کيڏندي.
پاڪستان ٽيم انگلينڊ، ويسٽ انڊيز ۽ بنگلاديش خلاف هوم سيريز کيڏندي، جڏهن ته آسٽريليا، ڏکڻ آفريڪا ۽ سريلنڪا سان سندن ملڪ وڃي سيريز کيڏندي.
آسٽريليا ڊسمبر 2023ع ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستان جي ميزباني ڪندو، انگليڊ آگسٽ، سپٽمبر 2026ع ۾ ٽن ٽيسٽ ميچز لاءِ پاڪستان جي ميزباني ڪندو جڏهن ته انگلش ٽيم آڪٽوبر 2024ع ۾ ٽيسٽ سيريز لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندي.
ورلڊ ٽيسٽ چيميپئن شپ 27-2025ع ۾ به پاڪستان ٽيم 6 سيريز کيڏندي، پاڪستاني ٽيم نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ سريلنڪا جي ميزباني ڪندي، جڏهن ته انگلينڊ، ويسٽ انڊيز ۽ بنگلاديش جو دورو ڪندي.
چوٿين ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ به پاڪ ڀارت ٽيسٽ سيريز شامل ناهي.