ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ واپسي ڪندڙ ياسر شاهه نئون رڪارڊ جوڙي ورتو

گال ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ليگ اسپنر ياسر شاهه ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان لاءِ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ ٻيو بالر بڻجي ويو آهي.

گال ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ياسر شاهه ليجنڊ اسپنر عبدالقادر کي پٺتي ڇڏيندي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ ٻئي پاڪستاني اسپنر هئڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.

2014ع ۾ پاڪستان لاءِ ڊيبيو ڪندڙ ليگ اسپنر ياسر شاهه 47 ٽيسٽ ميچز ۾ 237 وڪيٽون حاصل ڪري عبداالقادر جو رڪارڊ ٽوڙيو، جنهن 67 ميچز ۾ 236 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.

پاڪستان لاءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ اسپنر طور دانش  ڪنيريا 61 ٽيسٽ ميچز ۾ 261 وڪيٽون حاصل ڪري سڀني کان اڳتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.