سرڪاري ملازمن تي ٻي شادي لاءِ وڏي پابندي لاڳو !

پٽنا (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست بهار جي حڪومت پنهنجي سمورن سرڪاري ملازمن تي پابندي لڳائي آهي ته هو جيڪڏهن ٻيون ڀيرو شادي ڪرڻ چاهين ٿا ته ان لاءِ کين پنهنجي لاڳاپيل کاتي کان اجازت وٺڻي پوندي.

حڪومت جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سمورا ملازم پنهنجي شادي شده زندگي بابت کاتي کي ڄاڻ فراهم ڪن ۽ ٻي شادي جي اجازت حاصل ڪرڻ لازمي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب ڪو به ملازم ٻي شادي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ته ان کي پهرين زال کان ڌارٿيڻ جا ثبوت ڏيڻا پوندا.

جيڪڏهن ملازم جي پهرين زال يا ٻئي مڙس کي اعتراض هوندو ته ٻي زال يا ٻئي مڙس کي سرڪاري سهولتون فراهم نه ڪيون وينديون.

نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو ملازم کاتي جي علم ۾ آڻڻ کانسواءِ ٻي شادي ڪري ٿو ۽ پنهنجو ملازمت جو مدو مڪمل ڪرڻ کانسواءِ لاڏاڻو ڪري وڃي ٿو ته ان جي ٻي زال يا ٻئي مڙس جي ٻارن کي ملازمت لاءِ ترجيح نه ڏني ويندي جڏهن ته حڪومت سندس پهرين زال يا پهرئين مڙس مان ٿيل ٻارن کي ترجيح ڏيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.