اوهان هن قسم جي عجيب مخلوق اڳ نه ڏٺي هوندي !

ڪيمبرا (ويب ڊيسڪ) اسان جي ڀرپاسي ۾ اڻ ڳڻيا اهڙا جانور ۽ جيت جڻا موجود آهن جن جي اسان کي ڄاڻ ناهي.

ڪيترائي ماڻهو سمجهندا آهن ته هو هنن وٽ جيت جڻن ۽ جانورن بابت سموري ڄاڻ آهي پر ائين ناهي، ڪيترائي جيت اهڙا آهن جيڪي اوچتو پنهنجو روپ ئي تبديل ڪري وٺندا آهن ۽ ڏسڻ وارا حيران ٿي ويندا آهن.

اهڙا ئي ڪجهه جيت جڻا آسٽريليا ۾ موجود آهن.

هن خبر ۾ اوهان کي اهڙيون تصويرون ڏيکارينداسين جيڪي شايد اوهان اڳ نه ڏٺيون هونديون.

هن ٻوٽي کي اسنيپ ڊريگن چيو ويندو آهي، اسنيپ ڊريگن جا ٻج جڏهن کلندا آهن ته ائين لڳندو آهي ته انساني کوپڙيون وڻ تي ڦٽي آيون آهن.

هيءَ انوکي تصوير ائين لڳي رهيو آهي ته تانيئڙي سمورن مڇرن جو شڪار ڪري گهروارن کي مليريا کان بچائي ورتو آهي.

هن فنگس جي تصوير ڏسي لڳي ٿو ته هي ڪنهن انسان جون آڱريون آهن پر هي هڪ زيليا پولي مورفا نالي فنگس آهي جيڪو زمين ۾ ائين ئي ڦٽندو آهي.

هن ڏيڏر جي حرڪت ڏسو، هي ڏيڏر پاڻ کان وڏي تانيئڙي کي ڳڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

هي تانيئڙو ڏسي اوهان کي ائين لڳندو ته وڻ تي ڪنهن کي هن کي چنبڙايو آهي يا هي مئل هوندو پر ائين ناهي، هي حيرت جوڳو تانيئڙو خطري جي وقت پاڻ کي اسٽيڪر جيان وڻ جي ٽارين سان چنبڙائي انهن جو حصو بڻجي ويندو آهي.

آسٽريليا مانئي آيل هڪ تصوير ۾ هڪ ازدها نانگ پنهنجي لاءِ جاءِ ڳوليندو ڳوليندو وڃي ڪموڊ ۾ گهڙيو.

ماکيءَ جي منارن کان هونئن ئي ماڻهو پري رهندا آهن پر ماکي جي مکين سان ڀريل هن ڪرسيءَ کي ڏسي ڪير به هن تي ويهڻ جو نه سوچيندو.

دنيا ۾ چمڙن جا به ڪيترائي قسم آهن پر هيمر هيڊ بيٽ هڪ عجيب چمڙو آهي جنهن جي شڪل اهڙي عجيب آهي جو ڏسڻ سان حيرت ٿئي ٿي.

هن تانيئڙي کي وپ اسپائيڊر چئجي ٿو جيڪو پنهنجن ٻچن سان ڪنهن محفوظ جاءِ جي ڳولا ۾ آهي.

اوهان سانڊا ته ڏٺا هوندا پر سانڊي جو هي قسم به حيران ڪندڙ آهي، هي گرمي ۾ سوڙهو ٿيندي نظر اچي ٿو.

عام طور تي گهرن ۾ موجود لال بيگن کان ماڻهو خاص طور تي عورتون ڊڄي وينديون آهن پر هن جانور کي ته ڏسڻ کانپوءِ ته انهن جا ضرور ڇرڪ نڪري ويندا، هي ساموندي مخلوق آهي جنهن کي آئيسوپوڊ چيو وڃي ٿو.

هن تصوير ۾ اوهان ڏسي سگهو ٿا ته تانيئڙي ڪهڙي ريت هڪ ٿلهي ڏيڏر کي ڄار ۾ ڦاسائي شڪار ڪيو آهي.

نانگ جي هوشياري هن تصوير ۾ ظاهر ٿي رهي آهي ته ڪهڙي ريت هن چالاڪي سان مڇي جو شڪار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.