رياض( ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي دوري تي ويل آمريڪي صدر جو بائيڊن سعودي فرمانروا شاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ملاقات ۾ سعودي جي عسڪري ۽ سيڪيورٽي گهرجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان موقعي صدر جو بائڊن چيو ته وچ اوڀر کي روس ۽ چين لاءِ خالي نه ڇڏيو ويندو، تيل جي رسد ۾ واڌ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين.
ٻئي پاسي آمريڪا سعودي عرب، مصر ۽ اسرائيل جي سرحد ويجهو اهميت رکندڙ تيران ۽ صنافير ٻيٽ تان امن فوجون واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان علائقي ۾ سياحت کي هٿي ملندي.