آل پاڪستان پيٽروليم ايسوسيئيشن خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان پيٽروليم ايسوسيئيشن خيبر پختونخواهه پيٽرول تي مارجن نه وڌائڻ تي 18 جولاءِ کان صوبي جا سمورا پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

آل پاڪستان پيٽروليم ايسوسيئيشن خيبر پختونخواهه جي چيئرمين عبدالماجد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل حڪومت اسان سان پيٽرول تي مارجن وڌائڻ جو معاهدو ڪيو هو پر هيل تائين اسان جو مارجن ناهي وڌايو ويو.

هن چيو اسان جو مطالبو آهي ته حڪومت پيٽرول تي اسان جو مارجن 6 سيڪڙو تائين وڌائي، ٻي صورت ۾ 18 جولاءِ کان خيبر پختونخواهه ۾ سمورا پيٽرول پمپ بند ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.