آنن جون کَلون به وڏي ڪم جون اٿوَ

جڏهن اسان آني جي کلن کي گند جي ٽوڪري ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيندا آهيون ته وري ان ڏانهن منهن ورائي به ناهيون ڏسندا، پر عام طور نظرانداز ڪيل اها شيءَ  رڌڻي لاءِ تمام گهڻي ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي، پر اهو ياد رکو ته آنن جي کلن جو استعمال ڪرڻ کان پهرين انهن کي سٺي نموني ڌوئي، صاف ڪرڻ ۽ خشڪ ڪرڻ ضروري آهي، هاڻي آنن جي کلن کي توهان ڪارائتن ڪمن لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا.

جيڪڏهن  توهان کي ڪافي ۾ ڪوڙاڻ گهٽائڻي هجي ته اُٻرڻ وقت ان ۾ آني جون ڪجهه کلون شامل ڪري ڇڏيو، ڪٽلي ۾ اٻرندڙ پاڻي ۾ ڪافي شامل ڪندي ئي هڪ چمچو آنن جون سنهيون کلون ان ۾ ملايو ۽ ڪافي پيئڻ کان اڳ کلن کي ڇاڻي وٺو، اهڙي نموني ڪافي جي ڪوڙاڻ گهڻي حد تائين گهٽجي ويندي.

جڏهن ته آنن جي کلن جو چورو قدرتي طور رڌڻي جي نالين کي کولڻ ۾ گهڻو مددگار هوندو آهي.

آنن جون کلون ٿانوَن کي صاف ڪرڻ ۾ ڪارائتيون آهن، ان لاءِ توهان آنن جي کلن جو چوري ذريعي هوريان هوريان چنبڙيل کاڌي تي مليو ۽ ڏسو توهان جي ٿانوَ چمڪڻ لڳا آهن.

آني جون کلن کي فريزر ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو، هي بلينڊر جي بيلڊ کي تيز ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿيون، فريز کلن ۾ ٿوڙو پاڻي ملائي ان کي بلينڊر ۾ وجهو ۽ ويهن کان ٽيهن سيڪنڊن تائين بلينڊر هلايو، پوءِ احتياط سان پاڻي مان ڪڍي وٺو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.