مفتاح اسماعيل عوام کي بُري خبر ٻڌائي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته جيڪڏهن ٻيهر اگهه وڌائڻا پيا ته وڌائينداسين.

پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته ملڪ جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، دوست ملڪ جلد پاڪستان ۾ 1.5 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو، دوست ملڪ طرفان مالياتي پيڪيج ملندو، هڪ دوست ملڪ کان 1.2 ارب ڊالرن جو اوڌر تي تيل ملندو.

هن چيو ته عمران خان پنهنجي دوستن کي ايمنسٽي ڏني، ملڪ لاءِ ڪجهه نه ڪيو، آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدو به عمران خان پاڻ ٽوڙيو، تحريڪ انصاف جي دور ۾ بجيٽ خسارو وڌيو، فيول مهانگي ٿيڻ تي عمران خان شمسي توانائي ڏانهن نه ويو، حڪومت کي پاور سيڪٽر ۾ 1300 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ نه ٻڌي هئي، اها به عمران خان سبب آهي، هن واعدو ڪيو هو ته وصوليون ٻيڻيون ڪندس پر نه ڪري سگهيو.

مفتاح اسماعيل چيو عمران خان جي حڪومت وئي ته ملڪ ۾ بحران هو ۽ ڏيوالي ڏانهن وڃي رهيو هو، اسان جي ڪوشش استحڪام آڻڻ هو، جنهن ۾ ڪامياب ويا آهيون، هاڻ عوام جي خوشحالي ايندي، ايندڙ سال گرمين ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.