نه ڪنهن مقتول جو خون لوڙهيو ويندو ۽ نه ڪنهن قاتل کي معاف ڪنداسين: ناصر شاهه

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صوبائي وزير سيد ناصر شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سوچيل سمجهيل سازش تحت لساني فساد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

هڪ بيان ۾ ناصر شاهه چيو ته سنڌ حڪومت بهتر حڪمت عملي ۽ سياسي نموني معاملي تي ظابطو آندو.

ناصر حسين شاهه چيو ته سمورن شعبن سان واسطو رکندڙ ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قومن جا ماڻهو پيپلز پارٽي جو حصو آهن ۽ اهي پارٽي جي سگهه آهن، سنڌ حڪومت ڪنهن به مقتول جي خون لوڙهيندي ۽ نه ئي ڪنهن قاتل کي معاف ڪندي.

هن چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ فساد ڪرائڻ جو مقصد سنڌ ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن کي متاثر ڪرڻ آهي، هن وڳوڙن پٺيان ڪير هئا ڪٿي سازش ٿي، حڪومت ان جاچ ڪرائيندي.

سندس چوڻ هو افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته ڪجهه سياسي ماڻهو پنهنجي مفادن خاطر سياست ۾ ڏوهاري ماڻهن کي استعمال ڪري رهيا آهن.

صوبائي وزير چيو ته تشدد واري سياست کي ڪراچي جو عوام پهريان به رد ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي هر سطح تي ان جي مخالفت ڪريون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.