واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) عالمي بئنڪ پاڪستان کي 20 ڪرروڙ ڊالرز قرض ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
عالمي بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اها رقم پنجاب صوبي لاءِ ڏني ويندي جيڪا زراعت جي شعبي جي بهتري ۽ ننڍن هارين جي منصوبن تي خرچ ٿيندي.
پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته رقم ڏيڻ کانپوءِ پاڪستان کي پاڻي جي استعمال ۾ بهتري ۽ ننڍن هارين جي آمدني وڌائڻي پوندي.