عمران خان جو مستقبل اسٽيبلشمينٽ سربراهه سان ڳنڍيل

لاهور (عوامي آواز نيوز) نامياري صحافي عمران شفقت جو چوڻ آهي ته عمران خان جو مستقبل اسٽيبلمينٽ سربراهه سان جڙيل آهي، وفاقي  ڪابينا عمران خان، صدر عارف علوي ۽ ٻين خلاف آئين جي شڪ 6 تحت ڪارروائي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي آهي، صحافي عمران شفقت دعويٰ ڪئي ته اها ڪميٽي رپورٽ تڏهن ڏيندي جڏهن آرمي چيف جي ملازمت مدي ۾ واڌ جو فيصلو ٿيندو، جيڪڏهن جنرل قمر جاويد باجوه ملازمت مدي ۾ واڌ ورتي ته پوءِ ڪميٽي رپورٽ ڏيندي ته صدر عارف علوي ۽ ٻين خلاف آئين جي شڪ 6 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي، صحافي عمران شفقت جو اهو به چوڻ آهي ته اهڙي ڪارروائي ڪرڻ کان اڳ تجربن واري ليبارٽري بند ڪرڻ گهرجي، ٻئي صورت ۾ وري عمران خان جي جاءِ تي ڪو ٻيو اچي ويندو ته پوءِ ڪنهن ڪنهن خلاف آئين جي شڪ 6 تحت ڪارروائي ٿيندي. ٻئي ڳالهه ته اهڙي ڪارروائي اصل ۾ طاقتورن خلاف ٿيڻ گهرجي. رڳو ڪمزور کي نشانو نه بڻائڻ گهرجي.

  • پنجاب جي ننڍي چونڊ عام چونڊن کان به وڌيڪ اهم بڻجي وئي

لاهور (عوامي آواز نيوز)  پنجاب ۾ 20 تڪن تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ عام چونڊن کان به وڌيڪ اهم بڻجي وئي آهي ڇو ته اها ئي چونڊ پنجاب ۽ وفاقي حڪومت جي آئيندي جو فيصلو ڪندي، نامياري صحافي ظفر  نقوي تفصيلي جائزو وٺندي اڳ ڪٿي ڪئي آهي ته (ن)  ليگ کي 12 کان 16 تڪن تي ۽  پي ٽي  آءِ کي ٻن کان 4 سيٽن تي ڪاميابي ملڻ  جا امڪان آهن، مظفر  ڳڙهه ۽ بهاول ننگر جي ٻن تڪن تي سخت مقابلو  آهي، ڊي جي خان جي ٻن تڪن مان هڪ تي پي ٽي آءِ  کي سرسي آهي ٻئي تڪ تي  جتي محسن کوسا ۽ عبدالقادر  کوسو آمهون سامهون آهن، اتي سخت مقابلو آهي، ملتان ۾ زين قريشيءَ  جي هارائڻ ۽ محمد سلمان  جي ڪاميابيءَ جا امڪان آهن. لاهور ۾ هڪ تڪ تي مقابلو آهي ٽن تڪن ۾ (ن) ليگ کي سرسي آهي. فيصل آباد، ليا، لوڌران ۽ جهنگ جي ٻن تڪن سميت ٻين تڪن ۾ (ن) ليگ کي سرسي آهي. فيصل آباد ۾ مقابلو آهي، هي هڪ تجزيو آهي ٿي سگهي ٿو نتيجا هن تجزئي جي ابتڙ اچي وڃن، ان ڪري تجزيو حتمي نه سمجهڻ گهرجي.

  • پرويز الاهي جي فون بعد عمران خان اسٽيبلشمينٽ بابت يوٽرن ورتو

لاهور (عوامي  آواز نيوز )  ڊيرا غازي خان کان ملتان ايندي عمران خان کي ڪنهن جي فون آئي ۽ ڪهڙو اهم پيغام مليو جو هو يوٽرن وٺڻ تي  مجبور ٿي ويو، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته ان دوران  چوڌري پرويز الاهيءَ  جي فون آئي جنهن عمران خان کي چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ اوهان ۾ سرچاءَ لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان رابطي ۾ آهيون، ٿورو هٿ هلڪو رکو جيئن معاملا سلجهائڻ ۾ سولائي ٿئي، جنهن کانپوءِ عمران خان ملتان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي يوٽرن ورتو ته فوج مون کي پياري آهي دل جي ويجهو آهي، ان سان وڙهڻ جو سوال پيدا نٿو ٿئي، اصل ۾ امپورٽيڊ حڪومت ويڙهائڻ  چاهي ٿي پر ڪامياب  نه ٿيندي، صحافي معظم فخر موجب جيتوڻيڪ  پريويز الاهي  پنهنجي وڏ وزارت لاءِ اسٽيبلشمينٽ  سان رابطو  ڪيو آهي پر کيس ڪابه موٽ نه ملي آهي، پر هو عمران خان کي اهو باور ڪرائڻ چاهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان کي هڪ صفحي تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

  • سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد شيخ رشيد ۽ فواد چوڌري جون وايون بتال

لاهور (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي کانپوءِ  هڪ طرف ته شيخ رشيد ۽ فواد چوڌري روئي به رهيا آهن ته وڦلي به  رهيا آهن  ته وري ٻئي طرف راڻا ثناءُ الله جي ان اعلان کانپوءِ ته وفاقي ڪابينا اجازت ڏئي ته آئين جي شق 6 تحت ڪيس داخل ڪري عمران خان سميت ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. ان بابت بحث شروع ٿي ويو آهي، نامياري صحافي افتخار ڪاظمي جو چوڻ آهي ته ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته اهو ڪيس داخل نه ٿيڻ گهرجي، سوال آهي ته آئين ۾ اها شق ڪنهن جي لاءِ آهي؟  ڇا قانون ۽ آئين صرف غريبن لاءِ آهي ، آئين ٽوڙڻ جي سزا نه ڏني ويندي ته پوءِ آئين جي پاسداري ڪير ڪندو، ان ڪري اهو سوچڻ بنا سڀاڻي متان اسان خلاف اهڙي ڪارروائي ٿئي ان لاءِ بحث ڪرڻ مناسب نه آهي، ڪٿان ته شروعات ٿيڻي آهي ۽  جيڪڏهن ٺوس بنياد موجود آهن ته رک رکاءُ جي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ کي مداخلت لاءِ مجبور ڪرڻ لڳي

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اسٽيبليشمينٽ کي جيئن ماضي ۾ سياسي پارٽيون سياست ۾ مداخلت تي مجبور ڪنديون رهيون آهن،  بلڪل ساڳي پي ٽي آءِ مسلسل  اسٽيبلشمينٽ کي نه صرف سياست ۾ مداخلت تي مجبور ڪري رهي آهي، پر چئي رهي آهي ته 2018 جيان سندن مدد ڪري ۽ موجوده حڪومت ختم ڪري کين اقتدار تي آڻي ويهاري، نامياري صحافي انصار عباسي جو چوڻ آهي ته اصل ۾ جيئن فواد چوڌري چئي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ جي منهن تي رت لڳي ويو آهي، ساڳي طرح پي ٽي آءِ قيادت کي به اقتدار جي نشي عادي بڻائي ڇڏيو آهي، هو اقتدار کان ٻاهر نٿا رهي سگهن جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ هاڻي اهو به ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي جنهن ڪردار جي ڪري 74 سالن کان تنقيد جو شڪار بڻيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.