ڪشمور جي ڪچي مان وڏيري سوڌو 2 ڳوٺاڻا مبينا اغوا، پوليس ۾ حدبندي تڪرار

ڪشمور (رپورٽ:دليپ ڪيسواڻي) ڪشمور ۾ بدامني وڌي وئي، پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻيل آهي،ڪچي جي گيھلپور واري علائقي مان وڏيري سميت 2 ڳوٺاڻا اغوا ٿي ويا. رپورٽ موجب ڪشمور ويجھو ڳوٺ عيسيٰ ملڪ واسي 2 ڄڻا گيھلپور جي ڪچي واري علائقي مان ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿي ويا. ڪشمور، گيھلپور، ۽ ماڇڪو ٿاڻن جي پوليس حدبندي تڪرار ڄاڻائي مغوين کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي.ٻڌايو وڃي ٿو ته ڳوٺ عيسيٰ ملڪ واسي وڏيرو محمد يوسف ملڪ ۽ حبيب الله ملڪ کي رستي ويندي ڪچي جي علائقي مان ڌاڙيل اغوا ڪري کڻي ويا.پنجاب ۽ سنڌ جي ٽن ٿاڻن جي پوليس حد بندي تڪرار ڄاڻايو ته اسان جي حد ۾ اغوا ناهن ٿيا، مغوين جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو.مغوي يوسف ملڪ جي پٽ غالب ملڪ ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته ڪجهھ وقت اڳ ڪچي جي ڌاڙيلن ڀتو گھرڻ لاءِ 50 لک رپين جي پرچي موڪلي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ والد کي اغوا ڪيو ويو، ڪشمور ٿاڻي جي پوليس سھڪار نه ٿي ڪري، آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي اغوا ٿيندڙن کي بازياب ڪرايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.