وفاقي سرڪار پاران طيبه گل اسڪينڊل تي جاچ ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت طيبه گل اسڪينڊل تي انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ڪابينا اجلاس  کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته طيبه گل واري معاملي تي ڪابينا جي اجلاس ۾ بحث ڪيو ويو، ڪالهه وزيراعظم هائوس مان طيبه گل سان رابطو ڪيو ويو هو جنهن دوران هن ٻڌايو ته کيس اغوا ڪري 18 ڏينهن تائين وزيراعظم هائوس ۾ رکيو ويو، طيبه گل کان سمورا ثبوت ورتا ويا، وزيراعظم هائوس مان نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري کيس سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو.سڌ سماءُ واري وزير وڌيڪ چيو ته طيبه گل واري معاملي تي آزاد ۽ شفاف جاچ ڪميشن جوڙي ويندي ۽ ملوث ماڻهن خلاف انڪوائري ڪميشن جي راءِ پٽاندڙ ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته هن ڪميشن پٺيان ڪو به سياسي مقصد ناهي.

  • سليمان شهباز 16 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اشتهاري قرار

لاهور ( بيورو+م ڊ ) اسپيشل ڪورٽ لاهور مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي پٽ سليمان شهباز ۽ جوابدار طاهر  نقوي کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.اسپيشل سينٽرل ڪورٽ لاهور سليمان شهباز ۽ طاهر نقوي کي اشتهاري قرار ڏيڻ سان گڏ جوابدارن جي ملڪيتن جا تفصيل به طلب ڪري ورتا.عدالت شريف خاندان خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي شريڪ جوابدار مقصود جي ڊيٿ سرٽيفڪيٽ جا تفصيل پڻ طلب ڪري ورتا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.