اسان رڍون ٻڪريون ناهيون، چور حڪمران مڙهيندڙ کي تاريخ معاف نه ڪندي: عمران خان

فيصل آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آمريڪا سميت ڪنهن سان به دشمني نٿا چاهيون بس برابري وارا لاڳاپا گهرون ٿا پر واشنگٽن چاهي ٿو ته اسان ان جي غلامي ڪيون. فيصل آباد ۾ چونڊ جلسي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته آمريڪا کي شهباز شريف جهڙي بوٽ پالش ڪرڻ وارا ماڻهو پسند آهن، زرداري ۽ شريف خاندان 32 ورهين کان پنڻ لاءِ هٿ ٽنگيون بيٺا آهن.هن چيو ته شهباز شريف ۽ زرداري ۾ غيرت هجي ها ته هو خيرات نه گهرن ها.عمران خان پنجاب ۾ ننڍي چونڊ بابت ڳالهائيندي چيو ته قوم 17 جولاءِ تي ڏسڻ چاهي ٿي ته لوٽن کي بيٽ سان سٽڪو اچي، ڪارڪنن کي پولنگ اسٽيشن تي چڪر لڳائڻا آهن، مخالف ڌانڌلي کانسواءِ کٽي نٿا سگهن.هن وزيراعظم شهباز شريف کي تنقيد ڪندي چيو ته شهباز شريف توهان پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه گهٽائي وڏو ٿورو ڪيو آهي، اڄ پيٽرول جي قيمت 150 رپيا ۽ ڊيزل جو اگهه 144 رپيا هئڻ گهرجي، پر جواز آءِ ايم ايف جو حڪم آهي، اسان اڍائي سالن تائين آءِ ايم ايف سان گذارو ڪيو، پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته آءِ ايم ايف جو حڪم آهي انڪري هي ماڻهو ڊيزل ۽ پيٽرول سستو ناهن ڪري رهيا، آءِ ايم ايف اسان کي به چيو هو ته شيون مهانگيون ڪيو پر اسان نه ڪيون، آخري بال تائين چورن جو مقابلو ڪندس، هن چيو ته جنهن به انهن ماڻهن کي سازش تحت حڪومت ۾ ويهاريو آهي هن ملڪ جي تاريخ ان کي معاف نه ڪندي، انهن ٻنهي گڏجي 10 سالن تائين ملڪ کي لٽيو آهي ۽ پنهنجا ڪيس معاف ڪرايا، مان سپريم ڪورٽ ويو آهيان جتي ڪيس لڳڻ وارو آهي، انهن کي 1100 ارب رپيا هضم ڪرڻ نه ڏيندس، هن چيو ته اسان رڍون ٻڪريون ناهيون، اسان کي پنهنجي مرضي مطابق نه هلايو، آمريڪي غلامن کي 17 جولاءِ تي شڪست ڏينداسين، هن چيو ته لوٽن جي جاءِ رڳو غسل خاني ۾ آهي، مسٽر ايڪس  کي حڪم مليو آهي ته انهن چورن کي اليڪشن کٽرائڻي آهي، اهي ڌانڌلي جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهن، نوجوانن کي هڪ هڪ پولنگ تي پهرو ڏيڻو آهي، 15 کان 20 هزار جعلي ووٽ تيار ڪيا ويا آهن، هن چيو ته هتان جا مير جعفر ۽ مير صادق به سازش ۾ ملوث هئا، ڌانڌلي باوجود اسان انهن کي شڪست ڏينداسين، حمزا شهباز کي خدا حافظ چونداسين، انهن خلاف ٽرائل شروع ڪنداسين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.