حيدرآباد واقعي جو لسانيت سان ڪو به واسطو ناهي، سموريون تنظيمون امن چاهين ٿيون: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته بلال ڪاڪا جي قتل جي ٻن نامزد جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته چار جوابدار فرار آهن. قتل جي افسوس ناڪ واقعي کان  پوءِ دڪان بند ڪرائيندڙ 28 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سهراب ڳوٺ واقعي تي 48 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي . اها ڳالھ هن مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ، پورهئي واري صوبائي وزير سعيد غني، پاڪستان پيپلز پارٽي ايم اين اي آغا رفيع الله، پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي نائب صدر امان الله مسعود سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي. هن چيو ته حيدرآباد واقعي جو لسانيت سان ڪو به واسطو ناهي. سنڌ صوبو گلدستو آهي ان ۾ سڀ گلن جيان آهن، چند شرپسند عنصر آهن جيڪي حالتون خراب ڪرڻ چاهين ٿا. جيڪي گڙ ٻڙ ڪرائين چاهين ٿا انهن جي لاءِ پيغام آهي ته انهن کي هر صورت منهن ڏنو ويندو. قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي. صوبائي وزير چيو ته گذريل ڏينهن اياز لطيف پليجو ۽ شاهي سيد سان سندس ڳالھ ٻولھه ٿي، صنعان قريشي به پريس ڪانفرنس ڪئي. سڀئي تنظيمون امن چاهين ٿيون. سموري ميڊيا ۽ سياسي جماعتن جا ٿورائتا آهيون جن سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته افسوسناڪ واقعن جو وزير اعليٰ سنڌ نوٽيس ورتو ۽ واضع ڪيو ته قانون جي نظر ۾ سڀ برابر آهن.  هن چيو ته ڪجھ شر پسند عنصر چاهين ٿا ته جھيڙا ٿين، هن چيو ته انهن شر پسند عنصرن کان ماڻهن کي هوشيار رهڻ گھرجي. هڪ سياسي جماعت  جيڪا فقط هڪ صوبي ۾ حڪومت ۾ آهي ان جي ماڻهن به ان معاملي کي هوا ڏني. جنهن جي فوٽيج موجود آهي. سوشل ميڊيا تي مظاهرن ۽ گھيراءُ جي ڳالھ ڪئي وئي. سوشل ميڊيا تي اهڙن ماڻهن جي اڪائونٽس تان ميسيج هلايا پيا وڃن جيڪي ٻه سال اڳ وفات ڪري چڪا آهن. هن چيو ته هو پي ٽِ آئي تي ان جي ذميواري نٿو وجھي، پر حيدرآباد واقعي کان پوءِ پي ٽي آئي صورتحال کي خراب ڪرڻ ۽ باھ لڳائڻ ۾ اڳڀري رهي آھي.  شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام اهڙن ماڻهن جو ساٿ نه ڏئي سنڌ لسانيت کان پاڪ ۽ امن جي سرزمين آهي. صوبائي وزير چيو ته وفاقي وزارت داخلا کي گذارش ڪئي آهي ته ايف آئي اي کي ٽاسڪ ڏنو وڃي ته سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪري. ھن چيو ته پاڪستان جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ مان جيڪو به سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندو ان کي گرفتار ڪيو ويندو . حڪومت ڪنهن جي به جان ۽ مال کي نقصان رسائڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏيندي. سيد ناصر حسين شاھ چيو ته سندس ڊاڪٽر قادر مگسي، شاهي سيد، اياز لطيف پليجو سميت سڀني سان ڳالھ ٻولھ لھ ٿي آهي. ذاتي جھيڙي کي لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ڪجھ مفاد پرست ان کي لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪي رهيا آهن ائين نه ٿيڻ ڏنو ويندو.  بيگناھ ماڻهن کي مارڪٽ ڪئي وئي. هن چيو ته اسان جي ضلعي اوڀر جي صدر لالا رحيم تي حملو ڪيو ويو.  ان موقعي تي سيد ناصر حسين شاھ سنڌي ۾ پيغام ڏنو ته سنڌ شاھ ڀٽائي ۽ سچل جي امن پسند ماڻهن جي ڌرتي آهي . اسين پنھنجون روايتون ۽ امن جو پيغام  جاري رکنداسين. سعيد غني چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ڪنهن جو به قتل ڏوھ آهي. سنڌ ڏھاڪن تائين مشڪل صورتحال کي منهن ڏنو آھي.  سنڌ جا ماڻهون ۽ پاڪستان جا ماڻهون ٻيھر اھڙين حالتن کي برداشت نه ٿا ڪري سگهن.  جو اسين سازش جا شڪار ٿي وڃون. پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر آغا رفيع الله چيو ته ڪالھ سهراب ڳوٺ ۾ جيڪو واقعو پيش آيو ان کان پوءِ اسين سڀني گڏجي شرپسندن جو مقابلو ڪيو سياست ۾ نفرت جو عنصر نه اچڻ گھرجي. هي قومن جو ڪيس نه هيو، سنڌي پٺاڻ متحد آهن. پي پي پي ڪراچي ڊويزن جي نائب صدر امان الله مسعود چيو ته ڪالھ جيئن ئي واقعو ٿيو ھن جلال محمود شاھ، صنعان قريشي، رياض چانڊيو سان رابطو ڪيو. پنجاھ سال منهنجي خاندان کي سنڌ ۾ ٿي ويا آهن سنڌ اسان جي ڌرتي ماءُ  آهي.  ان موقعي تي ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هڪ سياسي جماعت جيڪا انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي اها پي ٽي آئي آهي. اسپيشل برانچ کان ان جو تصويرون ملي ويون آهن اهڙا ماڻهون سامهون آيا آهن جيڪي سهراب ڳوٺ ڌرڻي کي ليڊ ڪري رهيا آهن اهو ئي شخص افغانستان جو جھنڊو کڻي گھمي رهيو آهي ان ئي شخص جو ڀاءُ پي ٽِي آئي طرفان مڪاني چونڊن ۾ اليڪشن وڙهي رهيو آهي.  شرجيل ميمڻ چيو ته جيڪي ماڻهو مري چڪا آهن انهن جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تان ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، اسان اهڙن اڪائونٽن جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي جن خلاف جلد ڪارروائي ڪئي ويندي.هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ عمران خان تي آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي ۽ تحريڪ انصاف تي پابندي لڳڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.