پيٽرول اگهه گهٽ ٿيڻ بعد سڪون جي ننڊ آئي: مريم نواز

لاهور ( بيورو+م ڊ ) مريم نواز چيو آهي ته لاهور تي خراب نظر وجهڻ وارن کي 17 جولاءِ تي مايوس موٽڻو پوندو.ن ليگ جي مرڪزي نائب  صدر مريم نواز  پنجاب جي تڪ پي پي 168 لاهور ۾ ورڪرز ڪنونشن کي خطاب ڪندي چيو ته پيٽرول اگهه گهٽجڻ کانپوءِ ڪالهه ڪيئي هفتن بعد سڪون جي ننڊ آئي.مريم نواز چيو ته ڏکيو وقت گذري چڪو آهي، هاڻ قوم لاءِ سٺيون خبرون اينديون، پيٽرول ۽ ڊيزل اگهن ۾ لاٿ سان عوام کي رليف ملندو.ان موقعي تي هن عوام کي نواز شريف جو پيغام ٻڌايو ته ن ليگ قائد حڪومت کي پيغام ڏنو آهي ته عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهڻ ۾ لاٿ آئي ته ٻن هفتن کانپوءِ وري پيٽروليم شين جا اگهه گھٽايا وڃن.هن چيو ته لاهور نواز شريف جو هو ۽ سدائين نواز شريف جو رهندو.هن چيو ته گذريل چئن ورهين کان لاهور يتيم ۽ لاوارث هو،  جيڪڏهن ٿورو وڌيڪ عرصو پي ٽي آءِ جي حڪومت رهي ها ته لاهور کنڊر بڻجي وڃي ها، لاهور تي خراب نظر وجهڻ وارن کي 17 جولاءِ تي مايوس موٽڻو پوندو،هن چيو ته جيڪڏهن عالمي منڊي ۾ تيل جا اگهه گهٽ ٿيندا رهيا ته 15 ڏينهن کانپوءِ ٻيهر قيمتون گهٽ ٿينديون، هن سوال ڪيو ته عمران خان تنهنجو وڏو وزير ڪٿي آهي؟ عميران خان ايترا جلسا ڪيا، ڪٿي عثمان بوزدار نظر نه آيو، لاهور لاءِ ڪججهه ڪيو هجي ها ته عثمان بوزدار نظر اچي ها، لاهور پهرين به نوازشريف جو هو هاڻي به آهي، ۽ آئنده به نوازشريف جو رهندو، لاهور تي خراب نظر رکندڙن کي خبر هجي ته 17 جولاءِ تي هتان کان مايوس موٽڻو پوندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.