سکر ۾ وڪيل برادري به ميدان تي اچي وئي

سکر(رپورٽر) حيدرآباد ۾ بلال ڪاڪا جي قتل خلاف قومپرست تنظيمن جي ڪارڪنن پاران احتجاج بعد وڪيل برادري به ميدان ۾  اچي وئي آهي، سکر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن پاران بلال ڪاڪا جي قتل خلاف ڊسٽرڪٽ بار ٻاهران سردار قربان ڪلوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي وڪيلن خطاب ڪندي چيو ته حيدرآباد ۾ سنڌي نوجوان بلال ڪاڪا کي افغاني پٺاڻن بدترين تشدد ڪري قتل ڪيو آهي. اهڙي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هڪ سازش تحت افغانين کي سنڌ ۾ ترسائي ڪاروبار شروع ڪيا ويا آهن، سنڌ ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين کي فوري طور نيڪالي ڏئي ملوث دهشتگردن کي سزا ڏني وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.