اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ٽيڪنيڪي معاهدي کانپوءِ رپئي تي اثر پيو، هڪ بيان ۾ هن چيو ته مان پريشان آهيان ته ايندڙ 4 کان 6 هفتن ۾ رپئي جو ڇا ٿيندو؟ ائين لڳي ٿو ته ٻيا رانديگر عالمي بئنڪ ۽ دوست ملڪ آءِ ايم ايف کانپوءِ فنڊ ورهائيندا، هن چيو ته ننڍي چونڊ جي ڪري پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه گهٽايا ويا، جيڪي پهرين آگسٽ تي ٻيهر وڌايا ويندا، شهبازشريف هميشه غلط انگ اکر ٻڌائيندو آهي، پيٽرول تي 100 رپيا وڌائي 18 رپيا گهٽ ڪيا ۽ ڊيزل تي 130 رپيا وڌائي هاڻي 40 رپيا گهٽايا ويا آهن، هي حڪومت ڪنهن کي بيوقوف بڻائي رهي آهي،