پشتون ڀائر آهن، کين سنڌ ۾ آباد افغان پناهگيرن جي حمايت کان پاسو ڪرڻ گهرجي: جلال محمود شاهه

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته پشتون اسان جا ڀائر آهن، پشتونن کي سنڌ ۾ آباد افغان پناهگيرن جي حمايت کان پاسو ڪرڻ گهرجي، اسان نٿا چاهيون ته سنڌ ڌرتي  تي ڪنهن سان به ڪا ناانصافي ٿئي، سنڌي نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل وارو واقعو اتفاق نه هو، بلال ڪاڪا جا جيڪي حقيقي قاتل آهن، انهن کي گرفتار ڪري وارثن جي مرضيءَ مطابق ڪيس داخل ڪيو وڃي، سنڌ ۾ آباد افغاني پناهگيرن کي سندن ملڪ واپس اماڻيو وڃي. هو ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو. سيد جلال محمود شاهه چيو ته پشتونن کي گهرجي ته اهي بنا سوچ ويچار جي افغان پناهگيرن جي مدد ڪرڻ کان پاسو ڪن، ڇاڪاڻ ته افغان پناهگير غير ملڪي آهن. هن چيو ته ڪنهن به اشتعال انگيزي کان بچڻ گهرجي، هن وقت سنڌ جو امن خراب ڪرڻ واري جيڪا سازش ٿي رهي آهي، ان کان پاسو ڪيو وڃي، سمورين ڌرين کي سنڌ ۾ رتوڇاڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ايس يو پي سدائين هر آيل ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ رهي سنڌ جي قومي مفادن جي حفاظت ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير موجوده صورتحال کي سازش قرار ڏئي رهيو آهي، تنهن ڪري کيس کولي ٻڌائڻ گهرجي ته ڪير سازش ڪري رهيو آهي ۽ ڪير ڪنهن جي خلاف سازش ڪري رهيو آهي، سنڌ حڪومت کي اهڙن سازشي عناصر کي وائکو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جي نظر ۾ سنڌ ۾ امن امان خراب ڪرائڻ واري سازش ۾ پيپلز پارٽي شامل آهي، هتي قانون تي عمل نٿو ڪرايو وڃي ۽ جيڪڏهن قانوني تي عمل نه ٿيندو ته انارڪي پيدا ٿيندي ۽ هر ماڻهو قانون کي پنهنجي هٿ ۾ کڻندو. هن قومي ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته اهي سنڌ ۾ امن ۽ ڀائيچاري واري ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن سنڌ کي رتوڇاڻ کان بچائي سگهجي. سيد جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اڄ 16 جولاءِ تي 11 وڳي جي ايم سيد ايڊينفس ڄامشورو تي اجلاس سڏايو ويو آهي، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.