بلال ڪاڪا جي قتل ۽ سهراب ڳوٺ واقعي خلاف سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي/سکر/حيدرآباد(نمائندا) بلال ڪاڪا جي قتل ۽ سهراب ڳوٺ واقعي خلاف سنڌ ۾ ڪاوڙ جي لهر، احتجاجي مظاهرا، تفصيل موجبن بدين ۾ به  مختلف پارٽين جي ڪارڪنن پاران ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو پٺاڻن جي دڪانن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،  رينجرز ۽ پوليس جو شهر ۾ گشت پوليس پاران ھڪ ڪارڪن گرفتار ڪري ورتو، ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو،بدين جي ڊي ايس پي ذوالفقار قائم خاني، ۽ ايس ايڇ او محمد انور لغاري جي اڳواڻي ۾  پوليس جي وڏي نفري قاضيه واھ پل تي پهتل ماڻهن کي محتاط رهڻ  لاءِ سختي سان عمل ڪرائڻ جي ڪوشش جاري آهي،ڀرياسٽي ۾ شھيد بلال ڪاڪا جي قتل خلاف شھري ۽ سماجي اڳواڻن شاھزيب ميمڻ،  محسن رضا قريشي ، نادر منگي ، صدام ميمڻ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين بس اسٽينڊ کان ڀرياسٽي پريس ڪلب تائين سخت احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،دڙي ۾ جسقم پاران بلال ڪاڪا جي قتل ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ انور ملاح، ڪامريڊ عزيز سومرو ،اشرف سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،دريا خان مري ۾ سياسي سماجي اڳواڻن قومي ڪارڪنن پاران نصرت واھ موري کان احتجاجي ريلي ڪڊي وئي هوڏانهن جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري .شھيدبلال ڪاڪاجي قتل ۽ ڪراچي ۾ افغانين پاران ڌرتي ڌڻين تي حملن خلاف جسقم اڳواڻ پيرايازشاھ جيلاني.ظھيرشاھ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب گهارو اڳيان احتجاجي مظاهروڪري سخت نعريبازي ڪئي ويئي،حيدرآباد ۾ بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان بلال ڪاڪا جي قاتلن جي گرفتاري، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف ۽ ڪراچي ۾ ال آصف اسڪوائر، سهراب ڳوٺ، سبزي منڊي ۽ ٻين هنڌن تي افغاني دهشتگردن پاران مسافرن کي بسن مان لاهي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻائڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد پاران علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي لال جروار، عبدالقادر رانٽو، نور احمد ڪاتيار، عبدالرحمان سمون، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون، عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي آرگنائيزر سرمد راڄپر، دائود ڏاهري، اياز سمون، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عمره سمون، حسنه راهوجو، نورجهان ڪاتيار ۽ ٻين چيو ته حيدرآباد ۾ نسيم نگر پوليس جي موجودگي ۾ بيدردي سان نوجوان بلال ڪاڪا کي افغانين قتل ڪيو، پر پوليس قاتلن کي گرفتار نه ڪيو. هنن چيو ته بلال ڪاڪا جي قتل جي ايف آئي آر داخل ڪرائڻ لاءِ 12 ڪلاڪ واڌو واهه تي پُرامن احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪنهن هڪ به گاڏي جو سائيڊ وارو شيشو نه ٽٽو، پر پوليس بلال جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بدران احتجاج ڪندڙ پُرامن شهرين خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي. هنن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ قتل ٿيل پروفيسر زين العابدين، نوجوان محرم شر ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ افغاني دهشتگردن طرفان سنڌين سان جهيڙا انهي ڳالهه جو چٽو ثبوت آهن ته وفاقي حڪومت، پيپلزپارٽي حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي سرپرستي ۾ اهڙيون دهشتگرد ڪارروايون ڪري سنڌ کي دهشتگردي جي باهه ۾ ڌڪيو پيو وڃي. جڏهن ته  جيئي سنڌ محاذ رياض چانڊيو گروپ جي سڏ تي پنهل جمالي، بلاول چولياڻي، ماجد ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جمال شاھ ۾ به نوجوان اتحاد پاران علي گل مھر، اختر جوکيو ۽ فريد مھر جي اڳواڻي ۾ رڪشا چوڪ کان پريس ڪلب تائين پر امن احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، خيرپورناٿن شاه ۾ جسقم جي سڏ تي جسقم ڪارڪنن شاگردن جو افغانين جي آبادڪاري , بلال ڪاڪا جي قتل خلاف جسقم اڳواڻن ذولفقار کونهارو ، آصف علي لغاري ، مهتاب چانڊيو ، مشتاق چانڊيو ، ديشي رضوان زنگيجو ، وسيم ڀرڳڙي  جي اڳواڻي ۾ علمدار چونڪ کان پيادل ريلي ڪڍي وئي , انڊس هائي وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ٻنهي ايندڙ ويندڙ روڊن کي بند ڪري ڌرڻو هنيو ، ڌرڻي سبب ٻنهي روڊن تي مسافر گاڏين بيهي ويون ، ڪارڪنن افغانين ۽ سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي سنڌ عوامي فورم جي چيئرمين جان محمد جوڻيجو ، جيئي سنڌ انقلابي محاذ جي چيئرمين غازي خان سولنگي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي، لاڙڪاڻي ۾ به قومپرست جماعتن طرفان ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، قومپرست ڪارڪنن طرفان پٺاڻن جي هوٽلن کي بند ڪرڻ تي ڇڪتاڻ، پوليس پهچي 13 کان وڌيڪ قومپرست ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس سڄي شهر ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪندي احتجاج ڪندڙن خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ۾ به بلال ڪاڪا واري واقعي جيئي سنڌ محاذ طرفان مرڪزي سڏ تي ذوالفقار بليدي، غلام نبي، عالم خان، ارشاد علي، مور خان، عبدالرزاق، سبحان، راشد گاڏهي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ۽ سنڌ سڀا طرفان عمران گاڏهي، قربان چانڊيو، شاهد گاڏهي، فدا حسين سرڪي، راشد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شهر جي مختلف علائقن مان ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون صبح جي وقت مڇريل نوجوان مظاهرين هٿن ۾ ڏنڊا، لٺيون، جهنڊا ۽ بئنر کڻي روڊن تي نڪري نعريبازي ڪندي جناح باغ چوڪ وٽ قائم پٺاڻن جي چانهه ۽ ماني جي هوٽل ٻاهريان پهتا جتي هنن هوٽل بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان دوران پٺاڻ هوٽل جي مالڪ طرفان مظاهري ۾ شريڪ هڪ نوجوان کي چماٽ وهائي ڪڍي جنهن دوران ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي ۽ ٻين مظاهرين ۾ ڪاوڙ ۾ اچي نعريبازي پڻ ڪئي جڏهن ته اطلاع تي پوليس پهچي مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دوران هوٽل جي مالڪ مظاهرين کان سرعام معافي وٺي ڇڏي. هوڏانهن احتجاج ڪرڻ توڙي پٺاڻن جا ڪاروبار ۽ دڪان بند ڪرائڻ تي لاڙڪاڻو پوليس طرفان شهر جي جناح باغ چوڪ سميت ٻين علائقن مان 13 کان وڌيڪ قومپرست ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ڪجهه ماڻهن کي نامعلوم هنڌ ۽ ڪجهه ماڻهن کي ٿاڻي منتقل ڪري کانئن جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ جي هدايتن تي وڳوڙي ۽ شرپسند عناصرن خلاف سخت ڪاروائيون جاري آهن. ميرپور بٺوري ۾  جيئي سنڌ محاذ ، جساف جي مرڪزي چيف آرگنائيزر عرس ڪيهر ،رجب علي شورو ، اياز علي ميمڻ ، خيرمحمد کاڙڪ  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ،موري ۾ جئي سنڌ قومي محاذ طرفان نيشنل ھائي وي بند،مورو پوليس انتظاميا مڇرجي پئي،روڊ کولرائڻ لائي چڪريون، جسقم اڳواڻن کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون، قومي ڪارڪنن جون پوليس سان جھڙپون، چڪريون، قومي ڪارڪنن ڌاريا ڀڄايو سنڌ بچايو،ال آصف اسڪوئر وٽ سنڌي نياڻين جي بيحرمتي،سنڌين جي رستا روڪ خلاف خلاف سخت نعري بازي ڪئي، جسقم طرفان ھڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڊي وئي ريلي مختلف چونڪن مورو پريس ڪلب کان ٿيندي سڌو دادو بائي پاس پھتي جتي قومي ڪارڪنن روڊ ٻنھي طرفان کان بند ٿي ويو، روڊ تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون،قومي ڪارڪنن ڌاريا ڀڄايو سنڌ پچايو،رات دير ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار امجد سيھڙ،وحيد ڊلو جي آزادي لائي سخت نعري بازي ڪئي،ڌرڻي جي اڳواڻي جسقم اڳواڻ فقير اشرف لغاري،شاھنواز سنڌي،ديشي اشفاق ملڪ،علي ديشي،ايوب سولنگي،وقار لغاري،شمن شاھ،منور باغي،سجاد سولنگي،۽ ٻين ڪئي نواب شاهه ۾ به جسم پاران  نويد ڇٽو، فرحان کوسو، اياز رستماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقي نواب شاهه پاران ٻڌل مگسي، رفيق ملاح، عبدالغفار ڏھراج، شاھنواز ڪيريو، عبدالطيف راھو، ارشد عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي، سڪرنڊ ۾  ايس ٽي پي ضلعي اڳواڻ ڄام حاڪم انڙ ، رفيق ملاح، گل انقلابي ، سليم مگسي ، عنايت الله نوناري ، مشتاق ماڃوٺو ، سنڌ سجاڳ فورم جي اڳواڻ مجيد عباسي ، سنڌ جاڳرتا فورم جي حسين بخش ڪيريو جي اڳواڻي ۾ ميڊيا سينٽر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. جيئي سنڌ محاذ تعلقي سڪرنڊ پاران بلال ڪاڪا جي قتل خلاف سڪرنڊ ميڊيا سينٽر چوڪ تي زوهيب عمراڻي ، مشتاق لغاري ، ايسر گبول جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، سامارو ۾ جسقم اگواڻن رمضان خاصخيلي ،جميل ڌونڪائي ، منٺار ڌونڪائي سارنگ خاصخيلي ، عظيم سنڌي مجيد ڌونڪائي ، احمد علي ۽ ٻين جي اگواڻي ۾ کاروڙو رستي کان پيادل ريلي ڪڍي وئي شهدادڪوٽ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن بلال ڪاڪا جي ناحق  قتل ۽ سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف سبزی منڊي کان ڪوٽو موٽو چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو جنهن سبب 3 ڪلاڪ سنڌ بلوچستان جي ٽرئفڪ معطل رھي, ان موقعي تي ڌرڻي کي منير بروهي, مير وزير,کوسو ذوالفقار مگسي، فياض مينگل، مشتاق بروهي، اميد علي بروهي  خطاب ڪيو، ٽنڊو آدم ۾ جيئي سنڌ محاذ (رياض چانڊيو گروپ) جي سڏ تي جسم اڳواڻ منٺار چولياڻي، شاھنواز چانڊيو، شھباز ڏيرو، سڪندر ڏيرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  گلشن صديقي پارڪ کان پريس ڪلب ٽنڊوآدم تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ،وارهه ۾ جسم جي مرڪزي اڳواڻ غفار ميرجت جي اڳواڻي ۾ پرامن  احتجاجي  مظاھرو ڪيو ويو، مظاھري ۾ سياسي سماجي ورڪرن سميت شهرين  ڀرپورشرڪت ڪئي ،،جنهن ۾ جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري غفارميرجت، ڊاڪٽر دريا خان ميرجت ،عامر تنيو، ثناالله چانڊيو ،محسن رضا ابڙو، ضمير ٻرڙو, مرتضيٰ  چولياڻي , پ پ شھيد ڀٽو جو اڳوڻو تعلقي صدر محمدمراد چانڊيو ، جسقم اڳواڻ منصور ٿيٻو،, ايس ٽي پي اڳواڻ سائين جبران ڇٽو سماجي ورڪر جئڪال ڪلهوڙو امداد سومرو آصف چانڊيو, جابر جويو غلام مصطفي بروهي ۽ ٻيا شامل ھيا ،سنڌ ترقي پسند پارٽي،جسقم ۽ ٻين قوم پرست پارٽين جي ڪارڪنن ذوالفقار ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بلال ڪاڪا قتل واقعي خلاف اسٽار چوڪ کان ريلي ڪڍي قومي شاهراه تي ٽائر ساڙي روڊ بند ڪري ڇڏيو۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.