پرامن سنڌ کي رتوڇاڻ نه پر امن گھرجي

حميده گھانگھرو

قتل غيرانساني وحشي صفت ماڻهوءَ جي شڪل ۾ خونخوار جانور نمائي ڪري سگھي ٿو جنهن وٽ انساني قدر انسانيت، رشتا بي معنيٰ بي مقصد هوندا آهن.

Kashmore tribal ambush leaves nine dead - Pakistan - DAWN.COM

اهڙن ماڻهن کي ڪنهن به مذهب، ٻولي، خاندان قوم قبيلي سان نٿو جوڙي سگھجي. دنيا جي تاريخ گواهه آهي ته جن قومن شعور، پرامن طريقي سان بامقصد جدوجهد ڪري قومن جون تقديرون بدلائي ملڪي حالتن کي ڳنڀير حالتن مان ڪڍي سنئون سڌو ترقي جو عمل اختيار ڪيو ۽ نسلن تائين انساني رشتن جي اهميت کي اجاڳر ڪري پنهنجو صحيح مقام حاصل ڪيو. ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد رستي جي هوٽل تي بلال ڪاڪا نالي راهگير هوٽل تان ماني کاڌي. هوٽل اتفاق سان افغاني پٺاڻ جو هو. ماني کائڻ کانپوءِ بل جي ادائيگي تي اڻبڻت ٿي. هوٽل انتظاميا ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لوهي شيخن، لتن، مڪن سان حملو ڪيو. پوءِ گولي هلائي موت جي منهن ۾ وڌو. صرف ائين نه پر بلال جي مائٽن جو چوڻ آهي ته کين ڪنن ڪٽيل لاش مليو. انهي سڄي واردات مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جو عوام 1947 ۾ برصغير جي ورهاست کانپوءِ لڏ پلاڻ ۾ آيل مسلمانن کي آجيان ڪري ڌرتي جي وارثي ڏني پر سنڌ جي ماڻهن امن پسندي، تهذيب ۽ ثقافت جو مظاهرو ڪندي تحفظ فراهم ڪيو. سنڌي قوم جي پرامن ۽ تحفظ واري روايت کي هر پڙهيل لکيل باشعور ساڃاهه وند چاهي ڪهڙي به ٻولي جو هجي مان ڏنو آهي. توڻي جو کڻي 1947 کان اڄ جي عرصي ۾ ڪيتريون نفرتون بغض ڪڏهن ٻولي ته ڪڏهن مذهب، ڪڏهن فرقه پرستي جي بنياد تي جهڳڙا ڪرائي خون ريزي به ڪرائي آهي. پر ڌرتي ڌڻي وري به اهو ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهن ته جن جو جيئڻ، مرڻ هاڻي هن خطي سان آهي اهي نفرتن کان پاڪ معاشري جي تعمير جا قائل آهن. 88-1987ع جي هنگامن ۾ لساني جهڳڙن عوام کان انساني حياتيون ته کسيون پر علم، صحت، بشمول رهڻي ڪهڻي معاشرتي قدرن تي به تمام گھڻا خراب اثر ڇڏيا پر عقلمد باشعور عوام ادب، علم ۽ ڪجهه سياست ذريعي انهن تمام ويڇن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن. ملڪ جي بدقسمتي چئجي يا سياست جي ور چڙهيل مفاد عوام جڏهن به معاشي بحرانن مان نڪرڻ لاءِ بنيادي حقن جي جاکوڙ ڪئي آهي تڏهن ڪنهن نه ڪنهن مسئلي کي هٿي ڏئي عوام جو رخ سياسي شعور بجاءِ لساني، مذهبي، فرقه پرستي طرف موڙيو ويندو آهي. اها هڪ حقيقت آهيSohrab Goth protest turns violent in Karachi; commuters come under attack -  Pakistan - DAWN.COM جت باهه لڳندي تپش اتي محسوس ٿيندي جت خون ريزي ٿيندي ات ڌرتي تڙپندي. قتل ڪنهن به حوالي سان غيرقانوني، غيرآئيني بنيادن تي مذمت جوڳو آهي. هڪ وقت ماني جي بل تي زندگي ختم ڪرڻ سو به اهڙي غريب محنت ڪشش طبقي جي ماڻهو جي جيڪو ڪنهن اداري ۾  ملازمت ڪري پنهنجي ضعيف امڙ ۽ ٻچن جي پيٽ گذر لاءِ ڏينهن رات جي محنت ڪري ٿو. سمجهڻ گھرجي ته انهن جذباتي ۽ غيرانساني حرڪتن جي ڪري هڪ جسماني قتل ۽ سڄي گھر ڀاتين لاءِ معاشي روحاني قتل آهي. مرڻ وارو پنهنجو سور سانڍي ڌرتي ماءُ جي جهول ۾ هليو ويو ۽ گھرڀاتي ڪيترا دفعا مانيءَ جي هر ويلي تي مرندا ۽ جيئندا هوندا. قصو صرف اتي ختم ناهي، لساني بنيادن تي جڏهن نفرتن جي باهه انسانيت کي ساڙي ٿي ته ڪيترا لاش هر گھر جي اڱڻ ۾ پهچن ٿا. عام پورهيت جو لاش سواليا نشان بڻجي وڃي ٿو هر ساڃاهه وند لاءِ هن وقت هڪ بلال ڪاڪا جو بيدردي سان قتل نفرتن جي باهه ۾ ڪيترن بيگناهن جي زندگي جا ڏيئا اجهائيندو. ڇا پٺاڻ، سنڌي، مهاجر، پنجابي، بلوچ پاڪستان جو حصو ناهن. ها اهو ضرور آهي ته پاڪستان ۾ غيرآئيني غيرقانوني طرح آيل ڌاري آبادڪاري لاءِ ڪي اصول مقرر ڪيا وڃن، جيڪڏهن هو پنهنجي ملڪ جي خراب ۽ خونريزي، بک افلاس جي ڪري عارضي طور لڏپلاڻ ڪري اچن ٿا ته هئڻ ائين گھرجي ته انهن کي ڪئپ ۾ رکي صحيح موقعي تي واپس ڪيو وڃي ته اصلي ڌرتي ڌڻين مان بيچيني ختم ٿيندي. ٻي صورت ۾ مقامي ماڻهن سان اصتحصال ڪري ڌاري آبادڪاري کي مستقل ڪارڊ ٺاهي ڏئي اهڙي صورتحال جي انديشن کان روڪي نٿو سگھجي. اصل مقامي ماڻهو پهرين کان بک بيروزگاري، مهانگائي لائٽ، پاڻي، گيس جي مسئلن ۾ ڦاٿل آهن. مٿان وري پرسڪون ماحول کي نئين طريقي سان نفرت جي فضا قائم ڪري ڪنهن حد تائين اسٽيٽ، حڪومت جي نااهلي يا غيرسنجيدگي کي ظاهر ڪري ٿي.

Protests break out at Karachi's Sohrab Goth after boy murdered in Hyderabad

ماضي جي لساني فسادن مان جيڪڏهن سبق ناهي سکيو ته مطلب گمراهي جا ڪڪر قوم کي تباهي ڏانهن وٺي وڃڻ ۾ دير نه ڪندا. ان ڪري ضروري آهي ته سياسي، سماجي، ساڃاهه وند تنظيمون ملي ڪري اتحاد، ڀائيچاري لاءِ جوڳا اپاءَ وٺن ۽ ڌاري آبادڪاري لاءِ به ڪي قانوني لائحه عمل تيار ڪرڻ گھرجي. اها سنڌ حڪومت جي ذميداري ۽ آزمائش جو وقت آهي ته افغان پٺاڻ ۽ سنڌي جي جهڳڙن کان ڌرتي تي خون ريزي کي ٻنجو ڏنو وڃي. هيءَ ڌرتي پرامن صوفي صفت جي سنڌين جي آهي. شاهه، سچل سامي جي ڌرتي آهي جن انسانيت جو درس ڏئي انسان ذات کي جوڙيو آهي هيءَ ڌرتي شاهه عنايت، مخدوم بلال جي ڌرتي آهي جنهن ارغونن، ترخانن جابرن حاڪمن سان پنهنجي ڌرتي جي سونهن سچ ۽ حقيقت کي بچائڻ لاءِ سر به قربان ڪيا. اڄ سنڌ ۽ سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو جو آواز پرامن ۽ انصاف جو طلبگار آهي. خدارا نفرتن کان بچايو وڃي اهو ئي اڄ جي هر باشعور ساڃاهه وند جو آواز آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.