ميرپورماٿيلو ۾ ڳوٺاڻي جو مبينا طور نوڪري وٺرائي ڏيڻ بهاني فراڊ ڪندڙ جوابدر خلاف احتجاج

ميرپورماٿيلو ۾ ڳوٺاڻي مبينا طور نوڪري وٺرائي ڏيڻ بهاني فراڊ ڪندڙ جوابدر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

ڳوٺ داد لغاري جي رهواسي غلام ياسين لغاري پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

هن ميڊيا آڏو الزام مڙهيندي پنهنجي برادري جي علي اصغر 16 مهينا اڳ سرڪاري نوڪري وٺرائي ڏيڻ بهاني 10لک رپيا ورتا جنهن کانپوءِ هن اڃا تائين نه ته نوڪري وٺرائي ڏني ۽ نه ئي پئسا واپس پيو ڪري.

هن چيو ته هو غريب ۽ مسڪين ماڻهو آهي، علي اصغر لغاري نوڪري بهاني لکين رپيا وٺي فراڊ ڪيو آهي، وس وارا نوٽيس وٺي رقم واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.