مهانگائي اڳوڻي حڪومت جي غلط پاليسين سبب وڌي پئي: سينيٽر محمد علي شاهه ڄاموٽ

پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ سينيٽر سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي اڳوڻي حڪومت جي غلط پاليسين سبب وڌي رهي آهي.

پ پ اڳواڻ ۽ سينيٽر سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ مٽياري ۾ اڳوڻي ايم پي اي امير علي شاهه هاشمي جي رهائشگاهه تي پهچي ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي سينيٽر سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مٽياري ضلعي اندر پ پ ۾ ڪي اختلاف ناهن، مڪاني چونڊن ۾ ٽائون ڪميٽي سوڌو سموري ضلعي ۾ پارٽي وڏي اڪثريت سان ماڻيندي.

هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي حڪومت جي آءِ ايف سان ڪيل معاهدن کي برقرار رکڻ موجودا حڪومت جي مجبوري آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ مهانگائي پي ٽي آءِ سرڪار جي غلط پاليسين سبب وڌي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.