گھوٽڪي: مڪاني چونڊ دوران خانڳڙهه تعلقي جي يوسي مان هارائيندڙ پ پ اميدوارن جا جي ڊي اي اميدوارن تي ڌانڌلي جا الزام

گھوٽڪي ضلعي ۾ مڪاني چونڊ دوران خانڳڙهه تعلقي جي يوسي مان هارائيندڙ پ پ اميدوارن جي ڊي اي اميدوارن تي ڌانڌلي ۽ ووٽرن کي هراسان ڪرڻ جو الزام هنيو آهي.

خانڳڙهه تعلقي جي يونين ڪائونسل قاضي بادل مهر تان هارائيندڙ  پ پ اميدوار قاضي شير محمد ۽ ممتاز علي مهر گھوٽڪي پريس پهچي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

هنن الزام مڙهيندي چيو ته يوسي قاضي بادل مهر تي مڪاني چونڊن دوران جي ڊي اي ڌانڌالي ڪري پ پ اميدوارن کي هارايو.

هارايل اميدوارن چيو ته پولنگ واري ڏينهن پولنگ اسٽيشن تي مقرر پرزائيڊنگ آفيسر ۽ عملي جي ڊي اي جي مقامي اڳواڻن جي چرچ تي ووٽرن کي هراسان ڪري زبردستي ستاري تي ٺپا هڻايا ويا.

هنن اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته يوسي قاضي بادل مهر جا نتيجا رد ڪري ٻيهر چونڊ ڪرائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.