تاريخ جي سڀ کان وڏي جلسي جو اعلان، في الحال ٽئنڪن اڳيان ليٽن جي ضرورت ناهي: عمران خان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين عمران خان اسلام آباد ۾ تاريخ جو سڀ وڏو جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪندي ڪارڪنن کي مخاطب ڪيو آهي ته في الحال ٽئنڪن اڳيان ليٽڻ جي ضرورت ناهي.

اسلام آباد ۾ ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب دوران هڪ ڪارڪن وڏي آواز ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي مخاطب ڪري چيو ته خان صاحب اسان ٽئنڪن اڳيان به ليٽي پونداسين، توهان حڪم ڪريو، جنهن تي اڳوڻي وزيراعظم جواب ڏنو ته في الحال ان جي ضرورت ناهي، هن وقت اسان کي پنهنجي قوم جي عورتن ۽ نوجوانن جي ضرورت آهي.

هن چيو ته 30 ورهين کان چوري ڪندڙن کي اسان مٿان مڙهيو ويو، انهن کي غلامي لاءِ آندو ويو آهي، وزيراعظم شهباز وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) ۽ قومي احتساب بيورو (نيب) کي ماتحت ڪرڻ کانپوءِ نيب ترميمون ڪري 1100 ارب رپيا ختم ڪري ڇڏيا، هاڻوڪي حڪومت اقتدار تي قبضو ڄمائڻ سان گڏ ڪرپشن ڪيسن ۽ نيب کي ختم ڪيو.

سندس چوڻ هو هاڻي صورتحال اهي آهي ته ملڪ ۾ تاريخي مهانگائي آهي، هر پاسي شين جا اگهه وڌي ويا آهن ۽ معيشت دفن آهي ۽ اڃا وڌيڪ مهانگائي ٿيندي.

اڳوڻي وزيراعظم سوال اٿاريو ته ڪهڙو ڪارڻ هيو جو اسان جي حڪومت کي ڪيرائي چور ويهاريا ويا، اڄ ماڻهو چئي رهيا آهن ته پاڪستان قرضن جون قسطون واپس نه ڪري سگھندو ۽ ڊفالٽ ٿي ويندو، هاڻوڪي حڪومت عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جي پيرين پيل آهي ۽ ان جي چوڻ تي مهانگائي لاءِ حامي ڀري چڪي آهي.

عمران خان چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن ماڻهن کي درن تي وڃي ٻڌايو ته اسان لاءِ گھرن کان نڪرڻ ڪيترو اهم آهي، ماڻهن کي آگاهه ڪيو ته هيءَ ذميواري رڳو عمران خان جي نه پر سموري قوم جي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.