اهم شخصيت جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت

 

لوڌران (ويب ڊيسڪ) پي پي 224 ۽ 228 ۾ ننڍي چونڊ جي مهم دوران اڳوڻو وفاقي وزير مرزا ناصر بيگ تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويو.

ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڊوگر چيو ته ناصر بيگ جي شموليت سان پي ٽي آءِ جي طاقت وڌندي، هڪ دور ۾ سياست جو محور ذوالفقار ڀٽو هو، اڄ عمران خان آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان فيصلائتي موڙ تي آهي، عمران خان روشني ۽ اميد جو آخري  ڪرڻو آهي.

هن دعويٰ ڪئي ته پنجاب جي 20 سيٽن تي پي ٽي آءِ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي.

واضح رهي ته ناصر بيگ 40 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين پ پ جو حصو رهيو ۽ پ پ جي دور ۾ ئي وفاقي وزير به رهيو.

هن 2015 ۾ پ پ ڇڏي ن ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.