شهدادڪوٽ ۾ سوشل ورڪر اتحاد جي ڪارڪنن جو زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

شهدادڪوٽ ۾ سوشل ورڪر اتحاد جي ڪارڪنن پاران زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ثناءُ عباسي، جاني سومرو ۽ ٻين ڪارڪنن ۾ شهر جي ڪوٽو موٽ چوڪ تي هٿن بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ڪارڪنن جو چوڻ هو ته قمبرشهدادڪوٽ ضلعي سوڌو سموري سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي جنهن سبب زمينون سڪي ٺوٺ ٿي ويون آهن

هنن چيو ته پاڻي کوٽ سبب سنڌ بلوچستان جي دنگ تي واقع قبو سعيد جي ڪچي پل واري علائقي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، ماڻهو توڙي ٻيون ساهه واريون شيون پاڻي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيون آهن.

ڪارڪنن سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتي کان مطالبو ڪيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏئي امڪاني ڏڪار کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.