نوشهروفيروز ۾ نوجوان جو والدين جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز ۾ نوجوان والدين جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

ڪنڊيارو واسي نوجوان شاهد حسين جوکيو نوشهروفيروز پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

هن ميڊيا آڏو الزام مڙهيندي چيو ته سندس والدين ڏاڍو تنگ ڪن ٿا ڪنهن به دوست سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ ملڻ نٿا ڇڏين، جڏهن ته پيءُ منشيات فروش آهي، جيڪو نشو وارو ڪاروبار ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيو آهي.

هن چيو ته پيءُ منشيات وڪرو ڪرڻ کان تان تشدد ۽ سازشون ڪري ٿو، جنهن کان بيزار ٿي گھر ڇڏي نڪتو آهيان، ايس ايس پي نوشهروفيروز نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.