گھوٽڪي: جي ڊي اي جو مڪاني چونڊن ۾ مبينا طور نتيجا تبديل ڪرڻ خلاف احتجاج، ڌرڻو

گھوٽڪي ۾ جي ڊي اي پاران مڪاني چونڊن ۾ مبينا طور نتيجا تبديل ڪرڻ خلاف ڌرڻو هنيو ويو.

علي گوهر مهر، نادر ڪمل لعاري، هالار پتافي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا آڏو الزام هڻندي چيو ته مڪاني چونڊن ۾ جي ڊي اي سموري گھوٽڪي ضلعي مان ڪاميابي ماڻي آهي پر پ پ وارا ري ڪائونٽنگ جو جواز ڄاڻائي سرڪاري مشينري ذريعي پنهنجي اميدوارن کي ڪامياب ڪرڻ ۾ رڌل آهن.

هنن وڌيڪ چيو ته مڪاني چونڊن جا نتيجا تبديل ڪري جي ڊي اي اميدوارن سان زيادتي ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.

اڳواڻن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته گھوٽڪي ضلعي ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي جو نوٽيس وٺي پاڪ فوج جي نگراني ۾ ٻهير شفاف چونڊ ڪرائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.