سنڌ جي عوام لاءِ خوشخبري، صحت کاتي وڏو معاهدو ڪري ورتو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي صحت کاتي عوام جي سهولت لاءِ وڏو قدم کڻندي صوبي ۾ 76 غير فعال ۽ شروعاتي طبي سهولتن کان محروم طبي مرڪزن کي مڪمل فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

صوبائي صحت کاتي 76 طبي مرڪز پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪري ڇڏيا، ان حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن.

مفاهمتي يادداشت ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ پي پي ايڇ آءِ جا آفيسر شريڪ هئا.

طبي مرڪزن ۾ آر ايڇ سي، بي ايڇ يوز، گورنمينٽ ڊسپينسريز، چائلڊ اينڊ ميٽرنل هيلٿ سينٽر به شامل آهن.

معاهدي موجب پي پي ايڇ آءِ ملير جي 34 طبي مرڪزن کي به فعال بڻائيندي، ڄامشوري جي 23 طبي مرڪزن ۾ صحت سهولتون فراهم ڪيون وينديون، مختلف ضلعن ۾ 19 طبي مرڪزن کي به فعال بڻايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.