مڪاني چونڊون، سوشل ميڊيا تي ايڊٽ ٿيل وڊيوز وائرل ڪيون پيون وڃن: شرجيل ميمڻ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي جي ڪوڙي واويلا ڪئي پئي وڃي.

مڪاني چونڊن جي معاملي تي مخالف جماعتن جي احتجاج تي ردعمل ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو ته سوشل ميڊيا تي ايڊٽ ٿيل وڊيوز جاري ڪيون پيون وڃن، جن جو حقيقت سان ڪو واسطو ناهي.

هن چيو ته پ پ ايڊيٽڊ وڊيوز ٺاهيندڙن ۽ وائرل ڪندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ کي درخواستون ڏئي ڇڏيون آهن.

سندس چوڻ هو ته مخالف پنهنجي بدترين شڪست ڏسي فيس سيونگ لاءِ پروپئگنڊا ڪري رهيا آهن، اهو انهن جي ناڪامي جو اعتراف آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ سنڌ مان پ پ جا 8 سئو کان وڌيڪ اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا، انهن علائقن ۾ مخالفن کي اميداور ئي نه مليا، سنڌ جي عوام پ پ تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.