خيرپور ناٿن شاهه ۾پاڻي کوٽ سنگين ٿي وئي، شاخن ۾واري اڏامڻ لڳي

خيرپورناٿن شاهه (ن ع آ) خيرپورناٿن شاه جوهي بئراج مان نڪرندڙ بيگوديرو شاخ جي پوڇڙي ۾ زرعي پاڻي جي سخت کوٽ شاخ ۾ پاڻي بجاء واري اڏامي رهي آهي علائقي واسي پيئڻ جي پاڻي لاء تڙپڻ لڳا جر کارو هجڻ سبب شاخ جي پاڻي مان گذارو ڪيو ويندو آهي پاڻي نه هجڻ سبب علائقي  واسي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء پريشان  ان سلسلي ۾ سماجي اڳواڻ اين بي کوسو ، پورھيت مولا بخش اعواڻ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته هن وقت بيگوديرو شاخ سميت واھن ۾ پاڻي وھي ايندو ھو پر ھيل فصل ته ٺھيو پر نااهل آبپاشي عملدارن پيئڻ جيترو به پاڻي ناھي ڏنو جنھن سبب علائقو ڏڪار جو شڪار بڻيل آھي مارو ماڻھون پيئڻ جي پاڻي لاء تڙپي رھيا آھن پر ذميوار وس وارن جي ڪن تي ڪا جونء ئي ڪانه ٿي چري نه وري ڪو رحم ٿو اچين بس ووٽن لاء وٺ سٺ اٿن باقي ماڻھون ۽ مال پکي جانور اڃ مري ته پيو مري مسڪين ماروئڙا واھر لاء واجھائي رھيا آھن پر ڪير به نوٽيس وٺڻ وارو نه آھي نتيجي ۾ يوسي ڇنڊڻ ۾ پيئڻ جو پاڻي به ناياب تاريخي ماڳ ميان نصير محمد ڪلھوڙو عنايت شاھ حامد شاھ بخشل فقير ڪڙيو مٺو زنگيجو بيگوديرو کوسا وليج واھ جي ڪور چيجو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڪربلا جو منظر آھي علائقي واسي کڏن کامن جي دٻن جو خراب پاڻي واپرائڻ تي مجبور آھن جنھن سبب پيٽ جي خطرناڪ موذي مرضن ۾ مبتلا ٿي رهيا آھن ، عالئقي واسين چيف جسٽس سنڌ هاء ڪورٽ ۽  سيشن جج دادو کي اپيل ڪندي چيو آھي ته سيشن جج صاحب پاڻمرادو نوٽيس وٺي علائقي واسين کي پاڻي لاء تڙپائيندڙ ذميوار وس وارن کان سخت پڇاڻو ڪري قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي .، هنن چيو ته علائقي ۾ فوري طور تي پيئڻ جي صاف پاڻي جو بندوبست نه ڪيو ويو ته علائقي ۾ وڏو ڏڪار ۽ لڏ پلاڻ شروع ٿي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.