اسلام ڪوٽ کان ويندڙ 11 هزار ڪي وي جون تارون حيسڪو لاهي ڇڏيون

اسلام ڪوٽ(ت ر) اسلام ڪوٽ ۾ ايڪسيئن حيسڪو ۽ ايس ڊي او ڌاڌاگيري ڪندي شهر کان مختلف 28 ڳوٺن ڏانهن ويندڙ بجلي جي 11 هزار ڪي وي لائيٽ جون تارون ڪٽي پول خالي ڪري ڇڏيا،ايس ڊي او عملي سان گڏجي ڳوٺ وروائي،ڀاوي جو تڙ،کاريو غلام شاھ سميت ٻين ڳوٺن ڏانهن ويندڙ 11 هزار ڪي وي جون تارون لاهي بجلي بند ڪري ڇڏي،مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن پهچي ايس ڊي او خالد مصطفىٰ نهڙيو کي گهيري ۾ آڻي يرغمال بڻائي ويهاري ڇڏيو ۽ سخت مزاحمت ڪندي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو،ڳوٺاڻن پاران غيرقانوني طريقي سان بجلي جون مين تارون ڪٽڻ بعد ڪاوڙ ۾ اچي حيسڪو عملدارن کي مارڪٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،جنهن دوران سخت جهيڙي واري صورتحال پيدا ٿي وئي،منهماري ٿيڻ بعد ڳوٺاڻن پهچي حيسڪو عملدارن کي ڪُٽڪي کان بچايو،بجلي ڪٽيندڙ ايس ڊي او مارڪٽ جي خوف سبب ڀٽن ۾ ڀڄندو ۽ پاڻ کي بچائيندو رهيو،اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ بعد ايڪسيئن ڊگهڙي پهچي مارڪٽ نه ڪرڻ جي شرط تي ڳالهيون ڪرڻ تي زور ڀريو،معززين وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاريو،ايڪسيئن پاران بجلي غيرقانوني طريقي سان ڪاٽڻ جي غلطي تسليم ڪندي ڳوٺاڻن کان معافي ورتي،جنهن بعد ڳوٺاڻن معاف ڪري ڇڏيو، 10 ڪلاڪ گُذرڻ بعد رات ڌير سان تارون ٻيهر لڳائڻ بعد شهر ۽ ڳوٺن جي بجلي بحال ڪئي وئي،ڳوٺاڻن سهراب راهمون،خادل علي شاهھ، عرفان راهمون، وريام لنجو، ياسين راهمون، اعجاز لنجو، صابو لنجو ۽ ٻين چيو آهي ته ڳوٺن ۾ ڪي چند ماڻهن تي بقايا رهيل هجڻ ڪري حيسڪو وارن 11 هزار ڪي وي جون تارون لاهي 25 ڳوٺن جي لائيٽ ڪٽي ڇڏي آهي،اِهو سراسر ظلم آهي،حيسڪو وارن کي جن تي بقايا رهيل آهن اُنهن کي نوٽيس ڏئي بعد ۾ اُنهن جي لائيٽ ڪٽڻ کپي ها،پر هنن ظلم جي انتها ڪندي غيرقانوني طريقي سان 11 هزار ڪي وي جون تارون لاهي ڇڏيون آهن،اسان اِهو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين،حيسڪو عملدار جهيڙو ڪرائڻ چاهين ٿا،اسان ايترا تنگ ٿي ويا آهيون هاڻي جهيڙي لاءِ تيار آهيون،ايڪسيئن پهچي غلطي جي معافي ورتي آهي،اُن ڪري معاف ڪيو آهي نه ته هر صورت ۾ مزاحمت ڪيون ها،انهيءَ موقعي تي ايس ڊي او خالد مصطفيٰ نهڙيو ٻڌايو ته بجلي جي ڳوٺاڻن تي بقايا رهيل آهي ڪروڙين روپيه بقايا هئڻ ۽ ڪلوزنگ جو مهينو هئڻ  سبب  عملي بجلي ڪٽي پوء به مون اچي ڳوٺاڻن کي چيو ته بجلي توهان جي چالو ڪريون ٿا توهان بقايا وصولي ۾  اسان سان  سهڪار ڪريو پر ڳوٺاڻن مونکي به ويهاري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.